Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

اهو سبق ڏنو آهي ته اها غربت سٺي آهي جيڪا ٻانهي کي نيڪين ڏانهن وٺي وڃي، اها غربت سٺي آهي جيڪا ٻانهي کي مال ۽ دولت جي حرص کان آزاد ڪري، اها غربت سٺي آهي جيڪا علمِ دين سکڻ جو سبب بڻجي وڃي، اها غربت جيڪا نيڪ عملن جو شوق ڏياري مال ۽ دولت جي لالچ کان لک ڀيرا بهتر آهي۔

اهو غريب شخص جيڪو پنهنجي غربت تي صبر ڪري، مال گڏ ڪرڻ جي چڪرن کان پري رهي، اميرن ۽ انهن جي دولت کي ڏسي ڏسي دل جلائڻ ۽ حسد جي آفت ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچي ۽ بي صبري ۽ ناشڪري کان پري رهي، هرحال ۾ الله پاڪ جو شڪرگزار ٻانهو بڻجي رهي، مصيبت ۽ پريشانيءَ جي وقت صبر جو مظاهرو ڪري ته اهڙو شخص يقينًا تعريف جي لائق آهي۔

ياد رکو ته غربت جو جيڪو غم ناشڪري، نااميدي، نافرماني، سرڪشي جي طرف وٺي ويندو هجي، اهو هلاڪت ۾ وجهڻ وارو آهي ۽ ان جو علاج ضروري آهي. اهڙن غريبن کي اصحابِ صفّه جي حالات کان درس حاصل ڪرڻ گهرجي، غربت جي فضائلن کي ڄاڻڻ گهرجي ۽ جيڪو ان جي لاءِ مقرر آهي، ان تي راضي رهي ڪري الله پاڪ جو شڪر گزار ٻانهو بڻجڻ گهرجي.

   ياد رکو! ڪڏهن ڪڏهن غربت ۽ مصيبت آزمائش به بڻجي ايندي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي غربت ۽ مصيبت تي صبر۽شڪر ڪرڻ بدران ان تي ڳڻتي ڪندا رهن، بي صبري جو مظاهرو ڪن، شڪوه شڪايت ڪن ۽ حرام طريقي سان غربت ۽ مصيبت کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، انهن کي ڊڄڻ گھرجي ته انهن جو شڪوو، بي صبري، ۽غربت ۽ مصيبت کي حرام ذريعن سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش آخرت جي تباهي جو سبب نه بڻجي وڃي۔ جڏهن ته مصيبت تي صبر ڪرڻ تمام وڏي اجر ۽ ثواب ۽ درجن جي بلندي جو باعث آهي۔

حضرت سَيدُنا محدث ابن جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: محتاجي (Poverty) هڪ مرض جيان آهي جيڪو هن ۾ مبتلا ٿيو ۽ صبر ڪيائين هو ان جو اجر و