Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

ثواب ماڻيندو، انهيءَ ڪري محتاج ۽ غريب ماڻهو جن پنهنجي فقر ۽ غربت تي صبر ڪيو هوندو، اميرن کان 500 سال پهريان جنت ۾ داخل ٿي ويندا۔ (تلبيس ابليس، ص۲۲۵)

حديثِ قدسي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: ”جڏهن مان پنهنجي ٻانهن مان ڪنهن مومن ٻانهي کي مصيبت ۾ مبتلا ڪيان ۽ هو ان مصيبت تي منهنجو شڪر ادا ڪري ته (اي ملائڪو) ان جي لاءِ اهو ئي اجر لکندا ڪريو جيڪو توهان ان جي تندرستي جي حالت ۾ لکندا هئا۔“ (الترغيب والتر ھيب، ڪتاب الجنائز ، باب التر غيب في الصبر،رقم ۵۳ ،ج۴ ،ص ۱۴۸)

رہیں سب شاد گھر والے شہا تھوڑی سی روزی پر

عطا ہو دولتِ صَبْر و قناعت یَارَسُوْلَاللہ!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪرو“

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ جتي گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ شريعت تي عمل جي ترغيب ڏني ويندي آهي اتي اهو ذهن به ڏنو ويندو آهي ته اسان شرعي تقاضن جي مطابق پنهنجي زندگي کي ڪيئن بهتر کان بهترين بڻائي سگھون ٿا۔ مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول جون صحبتون، سنتن ڀرين اجتماعن ۾ ٿيندڙ بيان، درس ۽ بيان جا حلقا سڀ انهيء سلسلي جا حصا آهن۔ اهڙي طرح سوچ ۽ فڪر کي نکارڻ جو هڪ طريقو شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا ابو بلا ل محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مدني مذاڪرن ۾ شرڪت به آهي۔ مختلف موقعن ۽ هر هفتي ٿيڻ وارو مَدَني مذاڪرو جتي نيڪ صحبت ماڻڻ جو ذريعو آهي اتي قلب ۽ روح جي روشني جو به سبب آهي۔ اهڙي طرح ”هفتيوار مدني مذاڪرو“ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم به آهي۔ هن مدني ڪم جا بي شُمار ديني ۽