Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

سعادت نصيب ٿي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني مذاڪرو ڏسڻ جي برڪت سان ان کي اڳوڻن گناهن کان توبه نصيب ٿي ۽ هو فرض ۽ واجبات جو عامِل بڻجڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙھي مُبارڪه سجائي ورتي۔ الله پاڪ جو وڌيڪ فضل ۽ ڪرم اهو ٿيو ته ان جي والدين خوشي سان ان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ ”وقفِ مدينه“ ڪري ڇڏيو۔

مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف                       جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَاللہ اِعتراف

نفسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار                                                           کہ ندامت  کے  سبب ہوگا گنہگار اشکبار

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَصحابِ صُفّه جو علم دين سکڻ سيکارڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان اَصحابِ صُفّه جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، يقيناً اَصحابِ صُفّه دين جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، اصحاب صفّه علمِ دين حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ انهن جي بنيادي ڪمن مان هڪ علم دين حاصل ڪرڻ هو۔ ڪيئي روايتن ۾ انهن جي علم سکڻ ۽ سيکارڻ جو تذڪرو ملندو آهي۔ اچو! هن باري ۾ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

      حضرت سيدنا عثمان بن ابي عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيڪي اصحابِ صفه مان هئا انهن جو معمول هو ته جڏهن ماڻهو منجھند جو هليا ويندا هئا ته هو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي دين بابت سوالات (Questions) ڪندا هئا ۽ قرآنِ ڪريم سکندا هئا ۽ اهڙي طرح انهن دين جي سمجھ ۽ علم حاصل ڪري ورتو ۽ ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آرام فرمائي رهيا هوندا هئا ته هو سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ هليا ويندا هئا۔ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سان گھڻي محبت ڪندا هئا۔ (فيضان صديق اكبر ص 148)

جهالت واري زماني ۾ حضرت سيدنا عبد الله بن سعيد بن عاص جو نالو حَڪم هو، رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو عبد الله رکيو، هي به