Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

اصحابِ صفه مان هئا۔ جاهليت واري زماني ۾ هي ڪاتب هئا (اسلام آڻڻ کان بعد) رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي حڪم فرمايائون ته مديني ۾ ماڻهن کي لکڻ سيکارين.                     (اسد الغابة ،عبد الله بن سعيد بن العاصي،۳/۲۶۶ملخصا)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

علم حاصل کرو جہل زائل کرو

پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو

علم سکو ۽ سيکاريو

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! يقيناً جيڪڏهن جذبو سچو هجي ته منزل ڏانهن رهنمائي ڪندو آهي، اَصحابِ صُفّه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو عِلمِ دِين سکڻ جو جذبو ڇو ته سچو هو ان ڪري اهي دلجمعي ۽ استقامت سان ان تي هلندا رهيا، فاقن مٿان فاقا ڪندا رهيا، بک ۽ تنگي برداشت ڪندا رهيا پر پنهنجي مقصد (Purpose) کان پوئتي نه هٽيا۔ غور ڪريو! هڪ پاسي اَصحابِ صُفّه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو اهڙو جذبو هو جو کائڻ پيئڻ جو ڪو خاص انتظام موجود نه هو، ضرورياتِ زندگي ميسر ناهي، بدن ڍڪڻ جي لاءِ پورا ڪپڙا ناهن، پر پوءِ به خوب شوق ۽ جذبي سان علم دين حاصل ڪرڻ ۾ مصروف رهندا هئا جڏهن ته اسان جو حال هي آهي ته کائڻ پيئڻ جي هر طرح جون سهولتون اسان کي ميسر آهن، علمِ دِين حاصل ڪرڻ جا آسان ذريعا به موجود آهن۔ پر افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اسان صرف نفس ۽ شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي ۽ غفلت ۽ سستي جي ڪري هن عظيم سعادت کان محروم آهيون، ايستائين جو فرض ۽ لازم علم ۽ تجويد سان قرآنِ پاڪ سکڻ جي لاءِ به اسان وقت نٿا ڪڍون۔ ياد رکو! انسان جيستائين ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ ذهني طور تي تيار نه هجي، اهو ڪم ڪيترو ئي آسان ڇونه هجي مشڪل لڳندو آهي۔ پر جڏهن ان ڪم کي ڪرڻ جو پڪو ذهن بڻايو وڃي ۽ ان جي لاءِ وس آهر ڪوشش ڪئي وڃي ته