Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

مشڪل کان مشڪل ڪم به آسان ٿي ويندو آهي۔ تنهنڪري علم ِدِين جي اهميت (Importance) کي سمجھو ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ هن جذبي کي عملي جامو پارائيندي علم دِين سکڻ ۾ مشغول ٿي وڃو۔ ياد رکو! جهڙي طرح کائڻ پيئڻ اسان جي جسم جي غذا (Diet) آهي، اهڙي طرح علم اسان جي دل جي غذا آهي، جيڪڏهن جسم کي کاڌو نه ڏنو وڃي ته هو ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ مسلسل ڪافي ڏينهن تائين بکايل رهڻ جي ڪري موت به ٿي سگھي ٿو، اهڙي طرح علم دل جي غذا آهي جيڪڏهن دل کي علم جي نور سان منور نه رکيو وڃي ته اها به مُرده ٿي ويندي آهي،

دل جي غذا علم ۽ حڪمت آهي

     منقول آهي ته هڪ ڀيري حضرت سيدُنا فتح مُوصلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حاضرين کان پڇيائون: جڏهن مريض کي کائڻ پيئڻ ۽ دوا کان روڪيو وڃي ته ڇا اهو مري ناهي ويندو؟ ماڻهن عرض ڪيو: جي ها۔ ته پاڻ فرمايائون: اهو ئي معاملو دل جو آهي جڏهن ان کي ٽن ڏينهن تائين علم ۽ حڪمت کان روڪيو وڃي ته اها به مري ويندي آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا فتح مُوصلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سچ فرمايو ڇوته دل جي غذا علم ۽ حڪمت آهي ۽ هنن ٻنهي سان دل زنده رهندي آهي جيئن جسم جي غذا کائڻ پيئڻ آهي، جنهن علم کي حاصل  نه ڪيو ان جي دل بيمار آهي ۽ ان جو موت يقيني آهي پر ان کي هن ڳالھ جو شعور ناهي هوندو ڇوته دنيا ۾ مشغوليت ان جي احساس کي ختم ڪندي آهي ۽ جڏهن موت ان مشغلن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي ته اها گھڻي تڪليف محسوس ڪندي آهي ۽ ان کي بي انتها افسوس ٿيندو آهي ۽ نبي اڪرمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن فرمانِ عاليشان: اَلنَّاسُ نِيامٌ فَاِذَامَاتُوْا اِنْتَبَھُوْا۔ يعني ماڻهو سُتل آهن جڏهن مري ويندا ته بيدار ٿي ويندا۔ جو به اهو ئي مطلب آهي۔ (حليۃ الاولياء،سفيان ثوري،۷/۵۴، حديث:۹۵۷۶) (لباب الاحياء ،ص۲۴) علمِ دِين سکڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ هن پُرفتن دَور ۾ ”مدني چينل“ تمام وڏو معاون ۽ مددگار آهي، ٭ مدني چينل تي هلندڙ علمِ دِين سان مالا مال مختلف سلسلا عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا