Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

ڪندا، هفتيوار مدني مذاڪرو پاڻ به پابندي سان ڏسو ۽ پنهنجي گھروارن کي به ڏيکاريو، هن سان به علمِ دين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو، ٭ هر هفتيوار مدني رِسالي جي مطالعي جو معمول بڻايو، ان جي برڪت سان به علمِ دين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو ٭ ماهنامه فيضانِ مدينه جي مطالعه جي برڪت سان به علمِ دين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔ ٭ دعوتِ اِسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) جو وِزٽ ڪريو، سوين موضوعن تي سُنّتن ڀريا بيان (آڊيو/ويڊيو)، مدني مذاڪرا ڏسڻ ٻڌڻ، علمِ دِين سان مالامال ڪتابن ۽ رسالن جي مطالعي جي برڪت سان علمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔ ٭ مدني قافلن ۾ سفر جي برڪت سان علمِ دين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَصحابِ صُفّه جو روشن ڪردار

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَصحابِ صُفّه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پنهنجون زندگيون هن انداز سان گذاريون جو اهي اڄ تائين امّت جي لاءِ مشعلِ راھ جي حيثيت رکن ٿا، انهن جو اخلاص، لِلٰهِيّت، تقويٰ، زُهد(دنيا کان بي رغبتي)، عاجزي، شوقِ علم، خدمتِ دين، قناعت(جيڪو ملي ان تي راضي رهڻ)، توڪل(الله تي ڀروسو، خوفِ خدا، عشقِ رسول سميت تمام سٺيون خوبيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن۔ الله پاڪ هن مقدس گروه کي اهو مقام عطا فرمايو آهي جو فقط انهن جو ذڪر ڪرڻ به ان جون رحمتون ماڻڻ جو سبب آهي۔ الله پاڪ هن مقدس گروه جي تذڪرن ۾ به اهڙو اثر رکيو آهي جو فقط انهن جي ذڪر جي برڪت سان دلين جي دنيا بدلجڻ لڳندي آهي، اڄ به هنن پاڪيزه ماڻهن جي قربانين جو تذڪرو ڪيو وڃي ته بدن ڪانڊارجي ويندو آهي، اڄ به هنن پاڪيزه ماڻهن جي بيڪسي ۽ بيوسي جو سوچيو وڃي ته عقل حيران رهجي ويندا آهن ته ايترين مشڪلاتن ۾ به علمِ دين حاصل ڪرڻ جو اهڙو جذبو مرحبا صد مرحبا! اڄ به هنن پاڪيزه ماڻهن جي واقعن کي ٻڌو وڃي ته شايد اکين مان ڳوڙهن جي برسات جاري ٿي