Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

وڃي، اڄ به هنن پاڪيزه ماڻهن جي صبر ۽ دينِ اسلام تي ثابت قدمي جي واقعن جو تذڪرو ٿئي ته همت ۽ حوصلي جون نيون منزلون طئي ٿينديون آهن، اچو انهن مردانِ خدا مان ٻن مردان حق حضرت سلمان فارسي ۽ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهما  جو ذڪرِ خير ٻڌون ٿا:

حضرت سلمان فارسي جي مبارڪ سيرت جون جھلڪيون

   اَصحابِ صُفّه ۾ هڪ بزرگ هستي حضرت سَيدنا سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪنيت ابو عبدالله آهي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ زُهد وقناعت اپنائڻ وارا، تقويٰ ۽ پرهيز گاري جي گُلن کي پنهنجي دامن تي سجائڻ وارا، حضرتِ سيدنا عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جا تابعي ۽ رحمتِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحابي هئڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ وارا مشهور صحابي آهن۔ (مراٰة المناجيح،۸/ ۵۲۲ملخصاً) حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اِسلام قبول ڪرڻ جو واقعو نهايت ايمان افروز آهي۔

      پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اَصفَهان (ايران) جا رهاڪو هئا۔ پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کان بيزار ٿي دينِ حق جي تلاش ۾ پنهنجي وطن کان نڪري مختلف ديني ۽ مذهبي رهنمائن جي صحبت اختيار ڪئي۔ هڪ رَاهب اوهان کي ٻڌايو ته هاڻي نبي آخِرُ الزَّمان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظهور جو وقت ويجھو آهي جيڪي دينِ ابراهيمي تي هوندا، ان مقام ڏانهن هجرت (Migration) ڪندا، جيڪو ٻه جبلن جي وچ ۾ هوندو، جتي کجور جا وڻ ڪثرت سان موجود هوندا، ان شخص جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ مُهرِنَبُوَّت هوندي، هو هديو قبول ڪندا ۽ صدقو نه کائيندا۔ رَاهب جي انتقال کان پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ قافلي سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا۔ واٽ ۾ قافلي وارن جي نيت بدلجي وئي ۽ انهن سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي هڪ يهودي وٽ وڪڻي ڇڏيو۔ (طبقاتِ ابنِ سعد، ۴/۵۶) تقريبًا ڏھ ڀيرا وڪاميا۔ (بخاري،ڪتاب مناقب الانصار باب اسلام سلمان فارسي۲/۶۰۷، حديث:۳۹۴۶) نيٺ وڪامجندي وڪامجندي مدينه مُنَوَّره پهچي ويا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ ڀيرو کجيءَ جي وڻ تي چڙھي کجور لاهي رهيا هئا ته خبر ٻڌائون ته نبي آخِرُ الزَّمَان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هجرت فرمائي