Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

مديني جي ويجھو مقامِ قُبا ۾ تشريف فرما ٿي چڪا آهن، انهيء وقت دل بيقرار ٿي وئي، يڪدم هيٺ لٿا ۽ خبر آڻڻ واري کان ٻيهر اها رُوح پَروَر خبر ٻڌڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، يهودي مالڪ پنهنجي غلام جو تَجَسُّس ۽ بيقراري ڏٺي ته ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ هڪ زوردار ٿڦ هڻي چوڻ لڳو: توکي هنن ڳالهين سان ڪهڙو مطلب؟ وڃ! ٻيهر ڪم تي لڳي وڃ، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ دل تي پٿر رکي چپ ٿي ويا پر صَبر ۽ قَرار ته لُٽجي چڪو هو، تنهنڪري جيئن ئي موقعو مليو ته ڪجھ کجورون هڪ ٿالهيءَ ۾ رکي بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اهو صدقو آهي، قبول فرمائي وٺو! پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابَه ڪرام کي فرمايائون: توهان کائي وٺو، ۽ پاڻ نه کاڌائون۔ اهڙي طرح هڪ نشاني ته پوري ٿي، هڪ ڀيري ٻيهر کجورن واري ٿالهي کڻي پهتا ۽ عرض گذار ٿيا ته اهو تحفو آهي، قبول فرمائي وٺو۔ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابَه ڪرام کي کائڻ جو اشارو ڪيائون ۽ پاڻ به تناول فرمايائون۔ اهڙي طرح ٻي نشاني به پوري ٿي ان وچ ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ”مُهرِ نَبُوت“ کي به ڏسي ورتائون، ان ڪري يڪدم اسلام قبول ڪري ورتو ۽ ان دَر جا غلام بڻجي ويا جن تي بادشاهن جا ڪنڌ جھڪندا آهن۔ (طبقاتِ ابنِ سعد ، ۴/۵۸ ملخصاً) غزوهءِ خندق ۾ خندق کوٽڻ جو مشورو به پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ئي جو هو۔ (طبقاتِ ابنِ سعد، 2/51) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي سرورِ ڪونين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان تمام گهڻي محبت هئي، پنهنجي وقت جو ڪافي حصو دربارِرسالت ۾ گذاري فيضانِ نبوي سان فيضياب ٿيندا هئا، ان جي بدلي ۾ بارگاھِ رسالت مان سَلمَانُ الخَير۔ (سنن الڪبري للنسائي، ۶/۹، حديث: ۹۸۴۹) ۽ سَلْمَانُ مِنَّا اَهلَ الْبَيت (سلمان اسان جي اَهلِ بيت مان آهن)۔ (مسند بزار، ۱۳/۱۳۹، حديث: ۶۵۳۴) جهڙي خوشخبري ٻڌڻ جي سعادت ماڻي.

 هڪ ٻي هنڌ تي هن وڏي خوشخبري سان سرفراز ٿيا ته جنّت ”سلمان فارسي“ جي مشتاق آهي۔ (ترمذي،ڪتاب المناقب، باب مناقب سلمان فارسي ۵/۴۳۸، حديث:۳۸۲۲)

حضرت سَيدنا سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي صدقي اسان تي به ڪرم ٿئي ۽