Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

اسان به جنت ۾ داخل ڪيا وڃون. اچو! دعا ڪريون ٿا

اللہ کرم اتنا گنہگار پہ فرما

جنت میں پڑوسی مرے آقا کا بنادے

حضرت ابوهريره جو مختصر تعارف  

آفتابِ نُبُوّت، ماهتابِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبت جو شَرَف ماڻڻ وارن روشن تارن مان هڪ حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جليلُ القدر صحابه ڪرام مان آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ 7 هجري فتحِ خيبر جي سال ايمان جي دولت سان مشرف ٿيا۔ غالباً پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو عَبدُ الرَّحمٰن بن صَخر دَوسي تميمي آهي۔ هڪ ڀيري سرڪارِ نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي آستين (Sleeve) ۾ ننڍڙي ٻلي ڏسي فرمايائون: يا اَبَا هرَيرَة (يعني اي ننڍي ٻلي وارا)، تڏهن کان پاڻ ابوهريره جي ڪنيت سان مشهور ٿي ويا، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون ڪيئي حديثون روايت ڪيون آهن جن جو تعداد پنج هزار ٽي سو چوهتر(5374) آهي۔ (عمدة القاري،۱/۱۹۴، تحت الحديث:۹ ، ملخصاً) سندن عِلمِ دين سان شَغَف جو عالَم هي هو جو جيڪا ڳالھ معلوم نه هوندي هئي حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بنا حجاب جي پڇي وٺندا هئا۔ (الاصابه، ۷/۳۵۴) پنهنجو وڌ کان وڌ وقت نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبتِ بابرڪت ۾ گذاريندا هئا۔ (اسد الغابة، ۶/۳۳۸) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا هڪ ڀيري مون بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان کان فرمان ٻڌندو آهيان پر وسري ويندا آهن؟ ارشاد فرمايائون: ابوهريره! پنهنجي چادر ڦهلايو، مون ڦهلائي ته مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي دستِ رحمت سان چادر ۾ ڪجھ وجھي ڇڏيائون ۽ فرمايائون: هن کي کڻي ۽ سيني سان لڳائي ڇڏ! مون حڪم جي پيروي ڪئي، ان کان بعد مان ڪا به شيء نه وسريس۔ (بخاري،ڪتاب العلم باب حفظ العلم ۱/۶۲، حديث: ۱۱۹ملخصاً)

مالکِ کَونین ہیں گو پاس کچھ رکھتے نہیں