Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

دو جہاں کی نعمتیں ہیں ان کے خالی ہاتھ میں

حضرت سيدنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ ڀيري دعا گھري اَللَّهُم إني أَسْأَلُكَ عِلمًا لَا يُنسَي”اي الله پاڪ مان تون کان اهڙو علم گھران ٿو جيڪو ڪڏهن نه وساريان۔“ رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن دعا تي ” آمين“ فرمايو۔ (المستدرڪ علي الصحيحين، ۴/۶۴۹، حديث: ۶۲۱۴) سندن وٽ هزار ڳنڍون لڳل هڪ داڳو هو جنهن تي تسبيح پڙھڻ بنا نه سمهندا هئا۔ (صفة الصفوة ، ۱/۳۵۱) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هر مهيني جي آغاز ۾ ٽي روزا رکندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن سبب نه رکي سگھندا هئا ته مهيني جي آخر ۾ ٽي روزا رکندا هئا۔ (ماخوذ اَز مسند احمد، ۳/۲۶۸، حديث: ۸۶۴۱) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مدينه منوره جي قبرستان ”جنّت البقيع“ ۾ دفن آهن۔

مجلس حڪيم

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هردم وابسته رهو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي تقريباً 105 شعبن ۾ دينِ متين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، جنهن مان هڪ شعبو (Department) ”مجلس حڪيم“ به آهي۔ مجلسِ حڪيم جو ڪم ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ جي نيشنل ڪونسل فارطب، يونيورسيٽيز، دوا ڪندڙ ادارن، دوا خانن پنسار اسٽورن سان وابسته اسلامي ڀائرن ۽ بااثر حڪيمن ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي مدني پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح  جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه جي مطابق زندگي گزارڻ جو ذهن ڏيڻ آهي.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                              صلَّي الله تعالٰي علٰي محمَّد