Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                   جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو باني دعوتِ اسلامي،شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل ‘‘ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔

فرمان ِ مصطَفٰي صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: ٭ جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي جو جڏهن ڪو ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چئي وٺي. (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج۲ص۵۹حدیث ۲۵۰۴) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مرآۃ المناجیح،۱/ ۲۶۸) ٭ جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ پڙهي: اَلْحَمْدُلِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (شُعَبُ الْاِيمان ج۵ ص۱۸۱ حديث۶۲۸۵) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) ٭ خَاتَـمُ المُرۡسَلِين، رَحۡمَة لّلعٰلمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو۔ (ڪشْفُ الاِلْتِباس فِي اسْتِحْبابِ اللِّباس لِلشَّيخ عبدالْحَقّ الدّھلَوي ص۳۶) ٭ لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي. (اَيضاً ص۱ ۴) ٭ پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً


 

 



[1]   مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵