Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

جڏهن ڪُرتو پايو ته پهريان آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (اَيضاً۴۳)٭ اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةالمدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 3 صفحي 409 تي آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ مان وڌ اڱرين جي پورن تائين ۽ ويڪر هڪ گرانٺ هجي. (رَدُّالْمُحتار ج ۹ ص ۵۷۹) ٭ سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي. (مراٰة، ج۶ص۹۴)٭مرد مرداڻو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 1 صفحي 481 تي آهي: مرد جي لاءِ دُن جي هيٺان کان گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي، يعني ان جو ڍڪيل هجڻ فرض آهي، دُن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن. ٭ تڪبّر جي طور جيڪو لباس هجي اهو ممنوع آهي. تڪبر آهي يا نه ان جي سڃاڻپ ائين ڪري جو ان ڪپڙن جي پائڻ کان پهريان پنهنجي جيڪا حالت محسوس ڪندو هو جيڪڏهن پائڻ کان پوءِ به اها ئي حالت آهي ته خبر پئي ان ڪپڙن ۾ تڪبّر پيدا نه ٿيو. جيڪڏهن اها حالت باقي نه رهي ته تڪبر اچي ويو، تنهن ڪري اهڙن ڪپڙن کان بچي جو تڪبر بُري صفت آهي.(بهارِشريعت ج۳ص۴۰۹ ،رَدُّالْمُحتارج ۹ ص ۵۷۹)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.