Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

اسلام جي مشڪل دور ۾ بک اُڃ برداشت ڪري، پيٽ تي پٿر ٻڌي، قريبي رشتيدارن، پنهنجن ۽ پراين جون دشمنيون سهي ڪري به پرچمِ اسلام کي بلند رکيو، يقيناً انهن جي بيحد محنتن ۽ لازوال قربانين جو نتيجو آهي جو اڄ اسان الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي ياد ڪندڙ آهيون، هر پاسي دينِ اسلام جون بهارون آهن.

      هونءَ ته تمام صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پيارا ۽ هدايت جا روشن تارا آهن، سڀئي اسان جي اکين جو نور ۽ دل جو سُرُور آهن، پر انهن مان ڪجھ صحابه اهڙا به آهن جيڪي پاڻ ڪريم عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي خدمت ۾ صرف دين سکڻ جي لاءِ حاضر رهندا هئا۔ انهن کي اصحابِ صُفَه چوندا آهن۔ اڄ اسان انهن ئي جو شان ۽ انهن جي قربانين بابت ٻڌنداسين۔ انهن اصحابن مان ڪجھ وڏن ۽ مشهور صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي سيرتن سان گڏوگڏ ضمناً مدني گل به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ ان سان گڏوگڏ اصحابِ صفّه جي زندگين مان اسان کي ڪهڙو درس ملندو آهي، اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري اصحابِ صفّه پنهنجا گھر ٻار، اهل و عيال ۽ فڪرِ روزگار کان بي نياز ٿي مسجدِ نبوي ۾ ئي رهندا هئا، اهو سڀ به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اچو سڀ کان پهريان اصحابِ صفّه مان هڪ مشهور صحابي، مقبولِ بارگاھ رسول حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو واقعو ٻڌون ٿا جنهن ۾ ٻين اصحابِ صفّه جو ذڪرِ خير به آهي۔

کير جو هڪ پيالو

      حضرتِ سيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: بک جي شدت جي ڪري هڪ ڏينهن مان اُن رستي تي ويهي رهيس، جتان ماڻهو ٻاهر ويندا هئا۔ ٻنهي جهانن جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽان گذريا ته مون کي ڏسي مُرڪيا ۽ منهنجو چهرو ڏسي منهنجي حالت سمجهي ويا۔ ارشاد فرمايائون؛ اي ابوهريره! مون عرض ڪيو؛ لَبَّيۡڪ يا رسول الله!( صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) فرمايائون؛