Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

مون سان گڏ اچو، مان پٺيان هلڻ لڳس۔ جڏهن شهنشاھِ بَحۡر و بَر مديني جا تاجوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ گهر ۾ جلوه فرما ٿيا ته اجازت وٺي مان به اندر داخل ٿيس۔ سروَرِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ پيالي ۾ کير ڏٺو ته فرمايائون؛ ”هي کير ڪٿان آيو آهي؟ گهروارن عرض ڪيو؛ فلاڻي صحابِيءَ يا صحابيه پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي لاءِ تحفي طور موڪليو آهي۔ فرمايائون؛ ابوهريره! مون عرض ڪيو؛ لَبَّيۡڪ يا رسول الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! فرمايائون؛ وڃو، اهلِ صُفّه کي سڏي اچو۔ حضرتِ سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا؛ اهلِ صُفّه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان اسلام جا مهمان آهن، نه انهن کي ٻارن ٻچن جو شوق آهي نه مال ۽ دولت جو ۽ نه اهي ڪنهن شخص جو سهارو وٺندا آهن۔ جڏهن محبوبِ ربّ ذوالجلال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وٽ صدقي جو مال ايندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو مال انهن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ ان مان ڪجهه به نه کڻندا هئا ۽ جڏهن پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وٽ ڪو هديو ايندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُنهن ڏانهن موڪليندا هئا، اُن مان پاڻ به اِسۡتِعمال ڪندا هئا ۽ اُنهن کـي به شريڪ فرمائيندا هئا۔ مون کي اها ڳالھ ڏکي لڳي دل ۾ خيال آيو ته اهلِ صُفّه (عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان) جو هن کير مان ڇا ٿيندو؟ مان هن جو وڌيڪ مُسۡتحِق هئس جو هن کير مان ڪجهه ڍُڪَ پيئان ها ۽ ڪجهه طاقت حاصل ڪيان ها۔ جڏهن اصحابِ صُفّه (عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان) ايندا ته سرڪارِ نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي ئي ارشاد فرمائيندا ته انهن کـي کير پيش ڪر۔ اهڙي صورت ۾ تمام مشڪل آهي جو کير جا ڪجهه ڍڪ مون کي ميّسر ٿين، پر الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ۽ فرمانبرداري کان بغير ڪا واهه نه هئي، مان اصحابِ صُفّه (عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان) کي سڏي آيس۔ اهي آيا انهن تاجدارِ مدينهءِ منوره، شهنشاھِ مڪهءِ مڪرمه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان (اندر اچڻ جي) اجازت طلب ڪئي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اجازت عطا فرمائي ۽ اهي گهر ۾ داخل ٿي ويهي رهيا۔ مٺي مٺي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ ابوهريره! مون عرض ڪيو؛ لبَّيۡڪ يا رسول الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى