Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! فرمايائون؛”پيالو پڪڙيو ۽ هنن کي کير پياريو“ حضرتِ سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا؛ مون پيالو پڪڙيو، مان اهو پيالو هڪ شخص کي ڏيندو هئس اهو پيٽ ڀري کير پيئندو ۽ وري پيالو مون کي موٽائي ڏيندو هو، ايستائين جو مان پياريندو پياريندو، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي ويس ۽ سڀئي ماڻهو سَير ٿي چڪا هئا۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پيالو کڻي پنهنجي هٿ مبارڪ تي رکيو۔ پوءِ مون ڏانهن ڏسي مُرڪيا ۽ ارشاد فرمايائون؛ ”ابو هريره! مون عرض ڪيو؛ لبَّيۡڪ يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! فرمايائون؛ هاڻي مان ۽ تون باقي رهجي ويا آهيون۔ عرض ڪيم؛ يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان سچ فرمايو، فرمايائون؛ ”ويهو ۽ پيئو۔“ مان ويهي رهيس ۽ کير پيئڻ لڳس۔ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو؛ ”اڃان پيئو“ مون وري پيتو۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسلسل فرمائيندا رهيا ته؛ ”پيئو“ ايستائين جو مون عرض ڪيـو؛ بس! قسم آَهي اُن ذات جو جنهن پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي حق سان مبعوث فرمايو ، هاڻي وڌيڪ گنجائش ناهي، فرمايائون؛ ” مون کي ڏيکاريو“ مون پيالو پيش ڪيو، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن الله تعاليٰ جي ساراھ ڪئي ۽ بِسۡمِ الله پڙهي بچيل کير نوش فرمايو (يعني پيتو).

                                 (بخاري،ڪتاب الرقاق باب ڪيف ڪان عيش النبي۔۔۔الخ۴ /۲۲۳، حديث:۶۴۵۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دينے والا ہے سچا ہمارا نبي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان معلوم ٿيو ته حضورِ انور، شافعِ محشر عَلَيه السَّلَام مالڪ ۽ مختار آهن، جڏهن چاهين، جيئن چاهين، جيترو چاهين، جتي چاهين تصرف فرمائن، اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ سڀئي اختيار آهن۔ اهو به معلوم ٿيو نبي رحمت، شفيع امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وڏو ڪو سخي ناهي، کير جو صرف هڪ ئي پيالو هو، پاڻ عَلَيه السَّلَام خود ئي ان کي