Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

استعمال ڪري سگھيا ٿي پر اهو پسند نه ڪيائون بلڪ فيض ۽ سخاوت جا دريا وهائيندڙ آقا، سوالين جا دامن ڀرڻ وارا داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اصحابِ صفّه کي گھرائي انهن کي به ۽ جنابِ ابُو هُريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کي به کير پيئاري پنهنجي سخاوت جا دريا وهائي ڇڏيائون۔ ائين ڇو نه ٿئي جو اسان جا آقا، عالم جا داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام بني آدم ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي آهن۔ جيئن ته حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيري رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڇا توهان کي خبر آهي ته سڀ کان وڏو سخي ڪير آهي؟ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: الله ۽ ان جو رسول بهتر ڄاڻي ٿو۔ ته پاڻ عَلَيه السَّلَام ارشاد فرمايائون: الله پاڪ سڀ کان وڌيڪ جوّاد آهي پوءِ تمام بني آدم ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي مان آهيان۔  (شعب الايمان،الثامن عشر ،باب في نشر العلم، ۲/۲۸۱، حديث:۱۷۶۷ملتقطا)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اصحابِ صفه ڪير هئا؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو به ذڪر آهي ۽ ٻين اصحابِ صفه جو به تذڪرو آهي۔ پاڻ حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اصحابِ صفه مان هئا۔     مسجد نبوي شريف عَلٰي صاحِبِھَا الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام ۾ هڪ چبوترو هو، جتي(مختلف وقتن ۾) تقريبًا چار يا پنج سؤ فقراءِ مهاجرين ويهندا هئا۔ تنهن ڪري انهن کي اصحابِ صُفّه چوندا آهن۔ انهن وٽ نه گهر هو نه دُنياوي ساز و سامان ۽ نه ئي ڪو ڪاروبار۔ غُربت جو اِهو حال هو جو اِنهن مان 70 وٽ ته اَوگَهڙ ڍڪڻ جي لاءِ پورو ڪپڙو به نه هوندو هو۔ انهن جي تعداد ۾ ڪمي پيشي ٿيندي رهندي هئي۔ مديني شريف ۾ اچڻ واري جو ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو نه هوندو هو ته اهو به صُفّه وارن ۾ شامل ٿي ويندو هو۔        (تفسير نعيمي،۳/۱۳۷)

   بظاهر ته اهي اَصحابِ صُفّه وڏا ڪمزور(Weak) هئا، بظاهر ته اهي اَصحابِ صُفّه گھڻا تنگ دست هئا، انهن وٽ پائڻ جي لاءِ سٺا ڪپڙا نه هئا، انهن وٽ کائڻ لاءِ غذا نه هئي، انهن وٽ سمهڻ جي لاءِ نرم ۽ گرم بستر نه هئا، انهن