Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

وٽ رهڻ جي لاءِ گھر نه هئا، انهن وٽ پنهنجي خدمت جي لاءِ نوڪر چاڪر نه هئا، انهن وٽ ڪم ڪار ڪرڻ جي لاءِ غلام نه هئا، اَلغَرَض! بظاهر اهي گھڻا غريب هئا، پر الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبول هئا، رسولِ ڪريم، رءوفٌ رّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مقرب هئا، قرآنِ پاڪ ۾ خود ربِ ڪائنات انهن جي تعريف ۽ توصيف بيان فرمائي آهي۔ جيئن سيپاري 15،سورة ڪهف،آيت نمبر 28 ۾ ارشاد فرمايو:

وَ اصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗ وَ لَا تَعْدُ عَیْنٰكَ عَنْهُمْۚ-تُرِیْدُ زِیْنَةَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَاۚ-وَ لَا تُطِعْ مَنْ اَغْفَلْنَا قَلْبَهٗ عَنْ ذِكْرِنَا وَ اتَّبَعَ هَوٰىهُ وَ كَانَ اَمْرُهٗ فُرُطًا(۲۸) (پ۱۵، الڪھف :۲۸)                     

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي پڪاريندا آهن ان جي رضا گهرندا آهن ۽ تنهنجون اکيون انهن کي ڇڏي هيڏي هوڏي نه پون، ڇا تون دنيا جي زندگي جو سامان گهرندين، ۽ ان جو چيو نه ڪر جنهن جي دل اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪري ڇڏي ۽ اهو پنهنجي خواهش جي پٺيان هليو ۽ ان جو ڪم حد کا ٽپي ويو.

اَصحابِ صُفّه کي پري نه ڪريو!

      تفسيرِ نعيمي ۾ هن آيت سڳوري تحت آهي: (الله پاڪ اهو فرمائي رهيو آهي ته) اي حبيب مڪرم! (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) اوهان پنهنجو پاڻ کي سڄي عمر، سڄي حياتِ طَيبَه هر محفل، هر مجلس، هر گھڙي، ڏينهن رات، صبح شام انهن ئي ماڻهن کي گڏ رکو جيڪي مخلص (Sincere) آهن، جيڪي مسڪين آهن، جيڪي فقير آهن، جيڪي غريب آهن، جيڪي سادا آهن، جيڪي نهايت خلوص سان پنهنجي رب جي عبادت ڪن ٿا، جيڪي خشوع و خضوع جا