Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

Book Name:Faizan-e-Ashaab-e-Suffa

پيڪر آهن، جيڪي صبح کان شام تائين، جيڪي فجر کان عشاء تائين، جيڪي پنج ئي وقتن ۾، جيڪي سحري وقت جاڳي، جيڪي رات جو سمهڻ کان پهريان اَلغَرَض! هر وقت ئي، هر ساھ ۾ هر ڪروٽ ۾ ذڪرِ الٰهي ڪندا آهن۔ سڄي دنيا کان منهن موڙي بس پنهنجي موليٰ جي ذات ئي جو ارادو رکن ٿا، ان کي چاهين ٿا، ان جا ئي طلب گار آهن۔ (۽ اي حبيبِ مڪرم!) انهن ڪافرن کان پري ئي رهو جيڪي مختلف وفد بڻجي اوهان وٽ اچن ٿا ۽ اوهان کي پنهنجي ايمان آڻڻ جي لاءِ طرح طرح جا شرط (Conditions) لڳائن ٿا ته يارَسُولَ الله اسان ۽ اسان جو قبيلو اوهان تي تڏهن ايمان آڻيندو جڏهن اوهان پاڻ وٽان، پنهنجي محفل مان انهن غريب اَصحابِ صُفّه کي پري ڪندؤ، يا ڪم از ڪم اسان جي هوندي انهن کي پاڻ وٽ نه اچڻ ڏيو، انهن جي محفل الڳ لڳايو، اسان جي مجلس الڳ سجايو، اسان کي انهن سان گڏ ويهندي شرم اچي ٿو ۽ اسان جي سرداري تي فرق اچي ٿو، بس اها ئي هڪ رڪاوٽ آهي جنهن سبب اسان اوهان جي نبوت ۽ رسالت، صداقت، امانت ۽ ديانت تي اڃا تائين ايمان نه آڻي سگھياسين، (ان تي الله پاڪ ارشاد فرمائي رهيو آهي) اي محبوب! (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) انهن مڪارن جي ڳالهين ۾ نه اچجو ۽ پنهنجي رحمت ۽ عافيت ڀرين نگاهن کي انهن پاڪيزه باطن وارن کان نه هٽائجو ڇوته اوهان جون اهي معرفت واريون نظرون ئي ته انهن حضرات جي ڪُل ڪائنات آهن، اوهان جون محفلون ئي ته انهن جي زندگي آهي، اوهان جي جدائي انهن جي لاءِ تڪليف جو سبب آهي، هن موقعي تي اها آيت سڳوري نازل ٿي ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمايو ويو ته پنهنجي جان کي انهن ماڻهن سان مانوس رکو جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي پڪارين ٿا ان جي رضا چاهن ٿا يعني جيڪي اِخلاص سان هر وقت الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ مشغول رهنداآهن۔ (تفسير نعيمي، تحت الآية المذڪورة، ۱۵/۵۷۶ بتغير )

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اَصحابِ صُفّه جو مقام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪيتري قدر بلند آهي جو انهن جي باري ۾ پنهنجي حبيب عَلَيه السَّلَام