Muashry Ki Islaah

Book Name:Muashry Ki Islaah

مڪان ۽ ڪِرائيدارن ۾ هاٿا پائي ٿي رهي آهي، ٭ ڪٿي ڪنڊيڪٽر ۽ سُوارين ۾ لڙائي جھيڙو ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ريڙهو لڳائڻ وارن ۾ تڪرار ٿي رهيو آهي، ٭ ڪٿي ڊاڪٽر (Doctor) ۽ مريض هڪ ٻئي سان بي صبري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ته ڪٿي ٺيڪيدار ۽ ملازم پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا آهن، ٭ ڪٿي پاڙيسري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا آهن ته ڪٿي رشتيدارن ۾ ناراضي آهي، ٭ ڪٿي امام ۽ مقتدين ۾ دُوريون وڌنديون پيون وڃن ته ڪٿي مسجد ڪميٽي ۽ نمازي حضرات پاڻ ۾ ناراض آهن، ٭ ڪٿي سالن جي گھاٽن دوستن (Friends) ۾ اَڻبڻت هلي رهي آهي ته ڪٿي سڄو گھر ئي ميدانِ جنگ بڻيل آهي۔ ٭ ڪٿي خوني رشتا ۽ انهن جو احترام داؤ تي لڳل آهي ته ڪٿي سڳن ڀائرن ۾ دوريون وڌي چڪيون آهن۔  مطلب ته! ٭ اهي جيڪي ڪل تائين هڪ ٻئي جا محافظ هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين هڪ ٻئي تي جان قربان ڪرڻ جي دعوا ڪندا هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين هڪ ٻئي جي عزّت جا مُحافِظ هئا، ٭ اهي جو ڪلهه تائين جن جي دوستي جو مثال ڏنو ويندو هو، ٭ اهي جو ڪل تائين جن جي اِتِّفاق ۽ ٻڌي جي مشهوري هئي۔ ٭ اهي جيڪي ڪل تائين هڪ ٻئي جي خلاف هڪ لفظ تائين ٻڌڻ به پسند نه ڪندا هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين هڪ ٻئي جي بغير ماني تائين نه کائيندا هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين بُري وَقت ۾ هڪ ٻئي جا مددگار هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين هڪ ٻئي کي نيڪي جي ڪمن جون ترغيبون ڏيندا هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين سنتن ڀري اجتماعن ۾ گڏ ايندا ويندا هئا، ٭ اهي جيڪي ڪل تائين دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي حوصله افزائي ڪندا هئا، لڙائي جھيڙي جهڙي مَنحوس شيطاني ڪم جي نَحوست جي سبب اُنهن جي وچ ۾ نفرتن جون اهڙيون مضبوط ديوارون قائم ٿي وينديون آهن جو پوءِ اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ به پسند ناهن ڪندا۔ ائين سمجھو ته جهڙي نموني باھ (Fire) گھرن، فيڪٽرين، ڪمپنين، گودامن، جهنگلن، ڳوٺن ۽ مختلف شين کي ڪلاڪن بلڪه مِنٽن ۾ ساڙي تباھ ۽ برباد ڪندي آهي، اهڙي طرح خوش