Muashry Ki Islaah

Book Name:Muashry Ki Islaah

دعوت عام ڪرڻ ۽ معاشري جي اصلاح جي مقدس جذبي تحت ماڻهن کي بُرائي کان روڪڻ جي تڙپ دل ۾ پيدا ٿي ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اُمّتِ مسلمه کي نماز روزي جو پابند بڻائڻ، سُنَّتون سکڻ سيکارڻ، نيڪين جو جَذبو ڏيارڻ، گُناهن کان بچڻ جو ذِهن بڻائڻ جي لاءِ اِنفرادي ۽ اجتماعي ڪوشش ۽ بيانَ ڪرڻ شُروع ڪيائون۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نه صِرف خود اِستقامت سان نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهيا بلڪ وقت به وقت اسلامي ڀائرن کي به پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻ جو ذِهن ڏيندا رهيا۔ هن مدني مقصد (Aim)کي دُنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جو بنياد رکيائون ۽ ان ۾ زندگي جي تقريباً هر شعبي سان وابسته ماڻهن جي اصلاح جي لاءِ ڪيئي شعبن کي ترتيب ڏنائون ته جيئن ان شعبي سان وابسته اسلامي ڀائر ماڻهن کي نمازن جي پابندي، تقوي ۽ پرهيزگاري، معاشري ۾ رهڻ سهڻ جو انداز سيکاري معاشري جي اصلاح ۾ اهم ڪردار ادا ڪن، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجن سُنَّتن ڀري بيانن ۽ ڪتابن ۽ رسالن جي ذَريعي نيڪي جي دعوت جون خُوب خُوب ڌُومون مچايون۔ سندن جي آسان، پُر تاثير تحرير ۽ سُنَّتن ڀري بيانن جي بَرڪت سان لکين مُسلمان خاص ڪري نوجوانن جي زِندگين ۾ مدني اِنقلاب پيدا ٿي ويو ۽ اهي جُرم جي دُنيا کي ڇڏي ڪري صلوٰۃ وسُنَّت جي واٽ تي هلڻ شروع ٿي ويا۔ جيڪڏهن اسان به نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ٻين کي بُرائي کان روڪڻ جو ذِهن رکو ٿا ۽ پنهنجي معاشري کي امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻائڻ چاهيو ٿا ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ٻين کي به هن ماحول سان وابسته ڪريو، پاڻ به مدني انعامات جا عامل بڻجو، ٻين کي به بڻايو، پاڻ به هر مهيني ٽن (3) ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪريو ٻين کي به سفر ڪرايو۔

 معاشري جي اصلاح سان سرشار امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجن مُريدن ۽ مُحِبن ۽ تمام عاشقانِ رسول کي سنتن جي مطابق زندگي گذارڻ جي لاءِ مدني انعامات عطا فرمايا آهن ان جي مدني انعام نمبر 61 ۾ آهي: ڇا هن