Muashry Ki Islaah

Book Name:Muashry Ki Islaah

رسالي ”163 مَدَني گُل“ مان مُنڊي پائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻُڌون ٿا: ٭ مرد کي سون جي منڊي پائڻ حرام آهي. سروَرِ ذيشان، رحمتِ عالمِيان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي۔ (بخاري،۴ /۶۷ ، حديث: ۶۳ ۸ ۵) ٭ (نابالغ) ڇوڪري کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن جي هٿ پيرن تي بلا ضرورت ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پنهنجي هٿن پيرن تي ميندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪرن کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي۔ (بهارِ شريعت،۳/۴۲۸، دُرِّمُختارو رَدُّالْمُحتار ، ۹/۵۹۸) ڇوڪرين جي هٿن تي ميندي لڳائڻ ۾ حرج ناهي لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي۔ (ترمذي ج ۳ص ۳۰۵ حديث۱۷۹۲) مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن  جي لاءِ ناجائز آهي۔ (رَدُّالْمُحتار ،۹/۵۹۷) بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي، حُروفِ مُقَطّعَات واري منڊي پائڻ جائز آهي پر حُروفِ مُقطّعات واري منڊي بغير وضو پائڻ ۽ هٿ لڳائڻ يا مصافحو ڪندي وقت هٿ ملائڻ واري جو منڊي کي بي وضو هٿ لڳائڻ جائز ناهي۔ اهڙي طرح مردن جي لاءِ هڪ کان وڌيڪ (جائز واري) منڊي پائڻ يا (هڪ يا وڌيڪ) ڇلا پائڻ به ناجائز آهي جو هي (ڇلا) منڊي ناهن. عورتون ڇلو پائي سگھن ٿيون۔ (بهارِ شريعت،۳/۴۲۸) چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني چار گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي، ها تڪبُّر يا زنانو سينگار (ليڊيز اسٽائل جو فيشن) يا ٻي ڪنهن مَذمُوم (يعني قابل مَذمّت مقصد) نيّت ۾ هجي ته رڳو منڊي ئي نه بلڪ انهيءَ نيّت سان سٺا ڪپـڙا پائڻ به جائز ناهن۔ (فتاوٰي رضويه،۲۲/۱۴۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن