Muashry Ki Islaah

Book Name:Muashry Ki Islaah

ته نقشو ازخود صحيح ٿي ويو۔ (مقصد حيات،ص۲۹)

تلاءُ جي ڪِني مڇي ڪير

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي اڄ به جيڪڏهن هر هڪ پنهنجي ظاهري ۽ باطني تصوير کي سنوارڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃي ته معاشري جو بگڙيل نقشو خود بخود ٺيڪ ٿيندو ويندو۔ اڄ اسان کي معاشري جي بگڙيل نقشي جي اصلاح جي وڏي ڳڻتي آهي، پر افسوس هن خواهش ۾ اسان پنهنجي پنهنجي تصويرن کي وساري ڇڏيو آهي۔ اڄڪلھ هي مثال ته ڏنو ويندو آهي ته هڪ ڪِني مڇي سڄي تلاءُ کي گندو ڪري ڇڏيندي آهي پر ڪوبه هي نٿو سوچي ته انهيءَ تلاءُ جي ڪِني مڇي ڪٿي مان ته ناهيان، جنهن جي ڪري معاشري جو اهو تلاءُ گندو ٿي رهيو آهي۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته قرآن و حديث ۽ الله وارن جا واقعا ۽الله وارن جا بيان ڪيل ارشاد دلين کي بدلي سگھن ٿا پر موجوده حالات ۾ سڄي دُنيا ۾ تبصرن جون محفلون، ٽاڪ شَوز، ڪانفرنسز (Conferences) جو انعقاد ۽ ان ۾ قوم ۽ ملت جي دانشورن جون ڊگھيون ڊگھيون تقريرون، جن ۾ معاشري جي نقشي کي دُرُست ڪرڻ جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گفتگو ۽ بحث ۽ مباحثو ٿيندو آهي پر نتيجو ڇا نڪرندو آهي جو ”حالات بدلجندي نظر نٿا اچن“۔ اڄ اسان جو حال به عجيب ٿي چڪو آهي، جو اسان ڪجهه برائين کي ته برايون سمجھون ٿا پر ڪيتريون ئي برايون اهڙيون به آهن جن کي برو چوڻ ته پري ٿيو ، برو سمجھندا به نه آهيون۔ مثال طور شراب پيئڻ، جوا کيڏڻ واري ۽ بدڪاري ڪرڻ واري کي ته برو چيو ويندو آهي ۽  واقعي ايئن ڪرڻ وارا برا آهن، پر سوچيو؛ ڇا نماز نه پڙهڻ وارو برو ناهي؟ ڇا بغير شرعي عذر جي رمضان مهيني جو روزو ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏيڻ ڪو گناهه ناهي؟ ڇا ڪوڙ ڳالهائڻ ڪا برائي ناهي؟ ڇا ملاوٽ ڪرڻ گناھ ناهي؟ ڇا وعده خلافي بري شيء ناهي؟ ڇا فلمون ڊراما ڏسڻ ناجائز نه آهن؟ ڇا ڳائڻ وڄائڻ ڏسڻ منع ناهي؟ ڇا بي پردگي گناھ ناهي؟  جي ها! هي سڀ به برائيون ئي آهن، اهي سڀ به معاشري کي تباه ڪرڻ وارا ڪم آهن پر انهن کي هڪ تعداد برو چوڻ ۽ برو سمجھڻ لاءِ تيار ئي نه آهي۔ جيڪڏهن بُرو