Muashry Ki Islaah

Book Name:Muashry Ki Islaah

          اسان جي معاشري کي تباهي جي ڪناري تي پهچائڻ ۾ جيڪي برايون سرِ فهرست آهن انهن مان هڪ برائي ڪوڙ(Lie) آهي، ڪوڙ اسان جي معاشري ۾ پنهنجون پاڙون ايتريون مضبوط ڪري چڪو آهي جو هاڻي هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي ۽ معاشري جو تقريباً هر طبقو هن جي وڪڙ ۾ آهي۔ ڪوڙ تمام گُناهن جي پاڙ آهي۔ ڪوڙ تمام بُري عادتن ۾ سڀ کان بُري عادت آهي۔ ڪوڙ تمام مذهبن ويجھو بُرو سمجھيو ويندڙ عمل آهي۔ ڪوڙ ايمان کي ڪمزور ڪرڻ وارو عمل آهي۔ ڪوڙ معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ جو سبب آهي۔ ڪوڙ باهمي اعتماد کي ختم ڪرڻ وارو بدترين عمل آهي۔ ڪوڙ شيطان جو پسنديده ڪم آهي۔ ڪوڙ انساني تعلقات کي خراب ڪرڻ وارو ڪم آهي۔ سڀ کان وڌيڪ اهو جو ڪوڙ الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي جو سبب آهي۔

باربار ڪوڙ ڳالهائڻ ايمان جي ڪمزوري تي دلالت ڪري ٿو، جڏهن ته اسان وٽ ڳالھ ڳالھ تي ڪوڙ ڳالهائڻ نهايت عام ٿي ويو آهي، ڪوڙو شَخص هي سمجھي رهيو هوندو آهي ته ڪوڙ ڳالهائي مون کي ڪو نقصان نه ٿيو بلڪ فائدو ٿيو آهي، جڏهن ته ڪوڙ ڪوڙي شَخص جي باطِني بگاڙ جو سبب بڻجندو آهي، ڪوڙ ڪوڙي شَخص کي ٻين گناهن تي به دلير ڪندو آهي، ڪوڙ ڪوڙي شخص کي خود بخود ڪيئي ٻين گناهن ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ ڪوڙ جي مرض جو انداز به نرالو ۽ غير مَحسُوس هوندو آهي، اِنسان اهو سمجھندو آهي ته هڪ ٻه ڀيرا ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو وڏو نقصان ٿي ويندو۔ جڏهن ته اهو ئي هڪ ٻه ڀيرا جو ڪوڙ وڏي فساد جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ اهو ئي هڪ ٻه ڀيري جو ڪوڙ انسان جي آخرت کي تباھ ڪري سگھي ٿو، اهو ئي هڪ ٻه ڀيرا جو ڪوڙ انسان جي شخصيت (Personality) کي داغدار ڪري سگھي ٿو، اهو ئي هڪ ٻه ڀيرا جو ڪوڙ معاشري ۾ اعتماد جي فضا کي خراب ڪندو آهي ۽ اهو ئي هڪ ٻه ڀيرا جو ڪوڙ سڄي معاشري جي بگاڙ ۽ تباهي جو سبب ٿيندو آهي۔ اچو! هاڻي اهو به ٻڌون ٿا ته ڪوڙ ڇا کي چئبو آهي، جيئن ته