Muashry Ki Islaah

Book Name:Muashry Ki Islaah

ترقيءَ جي منزلن تي پهچائي ڇڏيندي آهي، هن جون هزارين مثالون توهان کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ پنهنجي اکين سان نظر اينديون، جي ها! ڪل جا بي نمازي اڄ نه صرف پاڻ نماز پڙهن ٿا بلڪ ٻين کي مسجد ڀريو تحريڪ جو حصو بڻائڻ جي لاءِ نماز جي دعوت ڏيندا آهن، بلڪ اهڙا ڪيئي امامت جي مصلّي تي نظر ايندا جيڪي دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي مبارڪ صحبت ملڻ کان پهريان ايئن نه هئا، بلڪ هن مدني ماحول انهن جي قسمت جو ستارو چمڪائي ڇڏيو. اهڙي طرح توهان غور ڪندا وڃو ڪيئي مدني بهارون نظر اينديون!!!

الله پاڪ اسان کي حقيقي معنٰي ۾ سچو پڪو باعمل مسلمان بڻائي. عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي عاشقانِ رسول جي صُحبت ۾ رهڻ وارو، الله پاڪ ۽ اُن جي نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مهرباني سان معمولي پٿر به ”اَنمول هيرو“ بڻجي خُوب جڳمڳائيندو آهي۔ (پردے ڪے بارے ۾ سُوال جواب،ص۱۰۹) جيڪڏهن اسان به ڪوڙ، غيبت، چُغلي، فلمون ڊراما ڏسڻ ڏيکارڻ، گانا باجا ٻڌڻ، ٻڌائڻ جهڙين بُرين عادتن کان پيڇو ڇڏائڻ چاهيو ٿا ته هٿوهٿ هن مَدَني ماحول سان وابسته ٿي عملي طور تي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا رهون، عاشقانِ رسول جي مَدَني قافلن ۾ سُنَّتن جي تَربِيت جي لاءِ راھ خدا ۾ سفر اِختِيار ڪريو، ڪامياب زِندگي گُذارڻ ۽ پنهنجي آخِرت سنوارڻ جي لاءِ روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني انعامات جي رِسالي ۾ ڏنل خانا پُر ڪري ذِميدار کي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ جو ئي جَمع ڪرائڻ جو معمول بڻايو۔ هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتِماع، هفتي وار اجتماعي طور تي ڏٺي ويندڙ ”مدني مذاڪري“ ۾ پاڻ به شرڪت ڪريو ۽ ٻين تائين به ان جي دعوت پهچائيندا رهو۔ جيڪڏهن هنن مدني ڪمن ۾ مُستقل مزاجي سان شرڪت ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِستقامت نصيب ٿي وئي ته الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ويتر پيدا ٿيندي، پيارن صحابين ۽ ولين جو مُبارڪ