Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

.1رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان مؤمن ٻانهي جي دنيا جي پياري شيءِ وٺان پوءِ اهو اُن تي صبر ڪري ته ان جي جزا جنّت کان سواءِ ڪجھ ناهي۔ (بخاري،ڪتاب الرقاق ،باب العمل الذي يبتغي به وجه الله ، ۴/۲۲۵، حديث:۶۴۲۴)                             

 .2فرمايائون:جنهن مصيبت تي صَبر ڪيو ايستائين جو اُن (مصيبت) کي چڱي صَبر سان موٽايائين الله پاڪ ان جي لاءِ ٽي سو دَرَجا لکندو، هر هڪ دَرَجي جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فاصِلو هوندو۔

( اَ لْجَامِعُ الصَّغِير لِلسُّيوْطِي،ص۳۱۷ حديث: ۵۱۳۷)

چُپ رہسِیں تا ں موتی مِلسن، صَبْر کرِیں تاں ہیرے

پاگلاں وانگوں رَولا پاویں،        ناں موتی ناں ہیرے

 مختصر وضاحت: خاموشي اختيار ڪندؤ ته موتي نصيب ٿيندا ۽ جيڪڏهن صبر سان ڪم وٺندؤ ته بدلي ۾ هيرا ملندا. نادانن ۽ بي وقوفن وانگر دانهون ڪندؤ ته نه موتي ملندا ۽ نه ئي هيرا نصيب ٿيندا.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صبر جي عادت بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪاوڙ جي عادت کي ختم ڪيو وڃي۔ ڪاوڙ ئي اهو مرض آهي جيڪو ٻانهي کي صبر ۽ ان جي اجر کان محروم ڪندو آهي۔ ان ڪري جيڪڏهن ڪا ڳالھ اسان کي بري لڳي يا اسان جي طبيعت جي خلاف ڪو ڪم ٿي وڃي ته ڪاوڙ ۾ اچڻ يا انتقامي ڪاروائي جو سوچڻ جي بدران مدني انعام نمبر 28 تي عمل ڪندي شيطان جي وار کي ناڪام بڻائڻ جو ذهن بڻايو۔ اچو! مدني انعام نمبر 28 ٻڌو ۽ عمل جي نيت ڪريو۔

 اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني انعام نمبر28 ۾ فرمائن ٿا: ڇا اڄ اوهان (گھر ۾ يا ٻاهر) ڪنهن تي ڪاوڙ اچڻ جي صورت ۾ خاموش ٿي ڪري