Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

ڪاوڙ جو علاج ڪيو يا ڳالھائڻ شروع ڪري ڏنو؟ ۽ دَرگُذر سان ڪم ورتو يا اِنتقام (يعني بدلو وٺڻ) جو موقعو ڳوليندا رهيا؟

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خودڪشي جو ٻيو سبب ”معاشي پريشانيون“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خود ڪشي ڏانهن وٺي ويندڙ ڪيئي سببن مان ٻيو بنيادي سبب معاشي پريشانيون آهن، بي رُوز گاري يا قرضداري کان تنگ اچي به ڪجھ ماڻهو خود ڪشي جي واٽ اپنائيندا آهن۔ آسائشن، عُمده غذائن، شادِين وغيره جي موقعن تي فُضول خرچين، گھر جي اندر جي سجاوٽن، مهانگن ڪپڙن، گاڏين وغيره جي لاءِ وڌ کان وڌ رقم جي طلب ۽ تمام وڏو مالدار بڻجي وڃڻ جا بهترين خواب به خود ڪشي جا سبب آهن۔

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ”مال“ انسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ آهي۔ جيستائين ضرورت مطابق مال ميسر رهي زندگي خوشيءَ ۾ گذرندي آهي، پر جڏهن کيسو خالي ٿيڻ لڳي ۽ طلوع ٿيندڙ سج هڪ نئون خرچ کڻي ظاهر ٿئي ته زندگي جي گاڏي جو ٽائر رڪجڻ لڳندو آهي۔ اهڙي وقت به ڪڏهن ضرورتن جي پورت جي لاءِ قرض جهڙي ڪندن واري وڻ هيٺ به پناھ وٺڻي پوندي آهي۔ (يعني ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ قرض جو بار کڻڻو پوندو آهي) پوءِ اهو وڻ پنهنجون پاڙون ڦهلائي اهڙي طرح سان (انسان کي) مضبوط ڪندو آهي جو ڪجھ ڪمزور ذهن وارا ماڻهو خود ڪشي ڏانهن مائل ٿيڻ لڳندا آهن۔ ٻارن جي اسڪول ۽ ٽيوشنز جون ڳريون فيسون، گھر جا وڌندڙ اخراجات، بجلي ۽ گيس جا بِلَ، مالڪ مڪان ۽ قرض خواهن جو اصرار، گھر وارن جا نوان نوان مطالبا ۽ وڏيون وڏيون فرمائشون ڪڏهن انسان کي اهڙي بند ڪمري ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون آهن جو جتي ڇوٽڪارو صرف خُودڪشي جي صورت ۾ نظر اچي رهيو هوندو آهي۔