Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

فڪرِ معاش جو علاج قناعت آهي

جيڪڏهن رَهڻ سَهڻ، کائڻ پيئڻ وغيره ۾ حقيقي سادگي اپنائڻ جو مَدَني ذِهن بڻجي وڃي ته گهٽ آمدني تي گذارو ڪرڻ ممڪن آهي ۽ هن طرز عمل زندگيءَ کي اپنائڻ سان شايد ڪو به مسلمان خودڪشي جهڙي حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم نه ڪري۔ ياد رکو! انساني خواهشون سمنڊ کان وڌيڪ گِهريون ۽ زمين ۽ آسمان کان وڌيڪ وسيع آهن۔ خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي اسلامي تعليمات تي عمل ڪندي  قناعت جو ذهن بڻائن ٿا ۽ پنهنجين خواهشن کي قابو ڪري پرسُڪون زندگي گذارين ٿا۔ ٭ قناعت اعليٰ ترين انساني صفتن مان هڪ نهايت پياري صفت آهي، ٭ قناعت اطمينان ۽ تسلي جو سرچشمو آهي، ٭ قناعت هڪ اهڙو خزانو آهي جيڪو ٻانهي کي ٻين جي امداد وٺڻ کان بي نياز ڪندو آهي۔ ٭ قناعت هڪ اهڙي دولت آهي جيڪا ڪجھ نه هوندي به ٻانهي کي ٻين جي محتاجي کان بي پروا ڪندي آهي۔ ٭ قناعت حرص جي آلودگي ۽ لالچ جي ڄار کان بچڻ جو بهترين هٿيار آهي۔ ٭ قناعت هڪ اهڙي صفت آهي جيڪا ٻانهي ۾ خودداري ۽ خود اعتمادي کي پيدا ڪندي آهي۔ ٭ قناعت اِنسان جي بلند همتي، عالي سوچ، بُزرگي، تقويٰ ۽ صبر جي علامت بڻجندي آهي۔ ٭ قناعت جي اَهميت ڄاڻڻ جي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته الله پاڪ پنهنجي نيڪ ۽ مُقرَّب ٻانهن کي ئي اها پاڪيزه خَصْلت (Habit) ۽ عادت عطا فرمائيندو آهي۔ تمام انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام،صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ اولياءِ عظام رَحِمَهمُ الله السَّلَام جون مبارڪ زِندگيون، قناعت جا مدني گل چونڊڻ جي لاءِ اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهن۔

 

مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قناعت تي لکين سلام

      اسان گناھگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سموري زندگي صبر ۽ قناعت سان ڀريل آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ حياتي ۾ ڪٿي به آرام، عيش ۽ راحت جو سامان نظر نٿو اچي ۽ نه ڪڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن شين کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،