Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي مالِ غنيمت تي مُشتمل وڏا وڏا خزانا ملندا هئا، پر پاڻ اهو سڀ مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا، صحابي رسول، حضرت سَيدُنا ابُو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گھر وارن ٽي (3) ڏينهن تائين ڪڏهن به پيٽ ڀري کاڌو نه کاڌائون، ايستائين جو رحمت للعالمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا مان تشريف کڻي ويا۔ (بخاري، ڪتاب الاطعمه ، با ب وقول الله تعالي : ڪلوا۔۔۔۔ الخ، ۳/۵۲۰،حديث: ۵۳۷۴) ٻنهي جھانن جا سردار هئڻ جي باوجود اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چَٽائي تي آرام فرمائيندا هئا، مٿو مبارڪ رکڻ جي لاءِ کجور جي ڇال سان ڀريل چمڙي جو وهاڻو استعمال فرمائيندا هئا۔ (المواهب اللدنيه مع شرح الزرقاني، تڪميل،ج۵،ص:۹۶، ملخصاً) ڪڏهن لذيذ ۽ پُرتڪلف کاڌن جي خواهش ئي نه ڪيائون۔ ايستائين جو ڪڏهن پاڻ چپاتي نه کاڌائون، جَوَنۡ جُون ٿُلِهيون ٿُلِهيون مانيون اڪثر غذا ۾ استعمال ڪندا هئا۔ (سيرتِ مُصْطفےٰ،ص:۵۸۵، ۵۸۶ملخصاً)

          سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قناعتِ مُصطفيٰ کي نذرانه عقيدت پيش ڪندي عرض ڪن ٿا:

کُل جہاں مِلک اور جَو کی روٹی غذا

اُس شِکم کی قَناعت پہ لاکھوں سلام

(حدائقِ بخشش،ص ۳۰۴)

اي عاشقان رسول! غور ڪريو! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي جھانن جي خزانن جا مالڪ هئڻ جي باوجود قناعت سان ڀرپور زندگي گذاريائون، اسان کي به گھرجي ته اسان به پنهنجي مڪي آقا، مدني داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نقشِ قدم تي هلون، سندن پيروي ڪريون ۽ قناعت ڪرڻ وارا بڻجون۔ قناعت جا ڪيئي دُنياوي ۽ اُخروي فائدا آهن، اچو! هي فائدا ٻڌڻ کان پهريان ”قناعت“ جي تعريف ٻڌون ٿا ته قناعت چوندا ڪنهن کي آهن.؟

قناعت جي تعريف: جيئن ته شيخ طريقت، امير اهلسنت، بانيءِ دعوت اسلامي،