Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي جي رسالي ”چڑیا اور اندھا سانپ“ ۾ آهي: خدا جي تقسيم تي راضي رهڻ يا جيڪو ڪجھ ملي وڃي انهيءَ تي گزارو ڪرڻ قناعت آهي (چڑیا اور اندھا سانپ، ص۸ بتغیر) قناعت جا ڪيترا ئي فائدا آهن، ڪجھ هتي ٻڌون ٿا.

قناعت جا فائدا ۽ خواهشن جي پيروي جا نقصان:

.1 قناعت دل مان دنيا جي مَحَبَّت ختم ڪري ڇڏيندي آهي جڏهن ته خواهشن جي پيروي ڪرڻ وارو، دُنيا جي مَحَبَّت ۾ گرفتار ٿيندو ويندو آهي ۽ دنيا کي ئي سڀ ڪجھ سمجھندو آهي، جيڪو دِين جي لاءِ زهرِ قاتل آهي۔

 .2قناعت ڪرڻ وارو سببن کان وڌيڪ خالقِ عَزَّوَجَلَّ جي سببن تي نظر رکندو آهي، اهڙي طرح هو غيرن جي مُحتاجي کان بچي ويندو آهي۔ جڏهن ته قَناعت کان خالي شخص سببن تي نظرون ڄمائي انهن کي سڀ ڪجھ سمجھندو آهي، اهڙي طرح هو ماڻهن کان اُميدون رکي ۽ انهن کان توقعات وابسته ڪندو آهي۔

.3 قناعت انسان کي خواهشن جو پيروڪار بڻجڻ کان بچائيندي آهي ۽ ان جي برڪت سان زندگي سُڪون ۽ اطمينان (Satisfaction) سان گذرندي آهي جڏهن ته خواهشن جي پيروي بي سڪوني ۽ ذهني دٻاؤ کي جنم ڏيندي آهي۔

 .4سڀ کان وڌيڪ قناعت جو فائدو هي آهي ته ان سان الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا حاصل ٿيندي آهي۔ فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ته: ان شخص جي لاءِ خوشخبري آهي، جيڪو اسلام جي هدايت ماڻي ۽ ان جي رُوزِي ضرورت مطابق هجي ۽ هو ان تي قناعت ڪري۔ (ترمذي، ڪتاب الزھد،باب ماجاء في الڪفاف والصبر عليه،۴/۱۵۶ ، حديث: ۲۳۵۵)