Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

رہیں سب شاد گھر والے شَہا تھوڑی سی روزی پر

عَطا ہو دَوْلتِ صَبْر و قناعَت یَارَسُوْلَاللہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                      صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان قناعت کان گھڻو پري ٿيندا پيا وڃون، شايد انهيءَ ڪري رزق ۾ تنگي جي شڪايت گھڻي عام آهي، اهڙي طرح معاشري ۾ رشوت، ڌوڪو ڏيڻ ۽ ڦُر لٽ جو وڌندڙ رجحان به قناعت کان دوري جي نشاندهي ڪري رهيو آهي۔ غربت، افلاس ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي خود ڪشي ۽ خود سوزي جي واقعن سبب اسان جو معاشرو روز به روز اخبارن جي زينت بڻجندو آهي، معاشري جي هن بدترين صورت جو تمام وڏو سبب قناعت کي عملي طور نه اپنائڻ به آهي۔ ان ڪري قناعت کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻايو، ائين ڪرڻ سان سڪون ۽ اطمينان سان گڏ سعادتمندي اوهان جو استقبال ڪندي۔ ڇوته قناعت تنگدستي جي حالت ۾ پاڻ کي سنڀالي رکڻ جو بهترين سهارو آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

         پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قناعت جي دولت ماڻڻ ۽ ٻين نيڪ ڪمن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصَّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چيو ويندو آهي۔ هن مدني ڪم جو رِسالو صداءِ مدينه“ جي  نالي سان ڇپجي چڪو آهي۔ اُن جو مطالعو ڪيو ۽ ان ۾ ڏنل طريقيڪار مطابق هن مدني ڪم کي خوب وڌائڻ جي ڪوشش به ڪيو۔