Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، الله پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون. ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي، مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنتِ داؤدي آهي، مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنت حيدري ۽ سنت فاروقي به آهي!

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف وٺي ويندا هئا۔  (طبقات ڪبريٰ،ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً) اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جي بَرَڪت سان فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا فَجِر جي آذان کان پوءِ اهي صداءِ مدينه لڳائيندي وڃي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان اچي شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقته نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ڏئي ڇڏي۔