Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                                        ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمّم،ص۳۶۹)

ٽيون سبب ”مايوسي“

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خود ڪشي جو هڪ ٽيون بنيادي سبب ”مايوسي“ به آهي۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عام طور تي انسان کي سڀ کان وڌيڪ عزيز پنهنجي جان هوندي آهي۔ ان ڪري چيو ويندو آهي ته ”جان آهي ته جهان آهي“ پر جيڪڏهن گردشِ حالات (يعني حالات ڪمزورهجڻ) جي ڪري زندگي ڏکي ٿي وڃي ۽ ڪا به راهه نظر نه اچي ته هڪ عام ماڻهو جي برداشت واري قوت جواب ڏيڻ لڳندي آهي ۽ ان کي خودڪشي واري واٽ  کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نظر ناهي ايندو۔

ياد رکو! مايوسي به خود ڪشي جي طرف وٺي ويندي آهي۔ حالات  چاهي ڪهڙا به هجن پر اميد جو دامن هٿان نه ڇڏڻ گھرجي۔ هڪ اڌ ڀريل گلاس ميز تي رکيل هجي ته هڪ سٺي اميد واري شَخص کي اهو اڌ ڀريل نظر ايندو جڏهن ته هڪ مايوس شَخص کي اهو ئي گلاس اڌ خالي نظر ايندو آهي۔ اميد ۽ نا اميدي ۾ سوچ جو فرق هوندو آهي، الله پاڪ جي رحمت تي نظر رکندي  ٻانهو هميشه مثبت (Positive) سوچي ۽ منفي (Negative) سوچ کي ويجھو نه اچڻ ڏي۔ هڪ مسلمان جو شان هي آهي ته هو هميشه الله پاڪ جي رحمت ۾ اميد رکڻ وارو هوندو آهي۔ قرآن پاڪ ۾ به اهو ئي حڪم آهي جيئن سيپاري 13، سورهٔ يوسف آيت 87 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَا تَایْــٴَـسُوْا مِنْ رَّوْحِ اللّٰهِؕ-اِنَّهٗ لَا یَایْــٴَـسُ مِنْ رَّوْحِ اللّٰهِ اِلَّا الْقَوْمُ الْكٰفِرُوْنَ(۸۷)  (پ۱۳، يوسف :۸۷)             

تَرجُموڪنزُالايمان: ۽ الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو بيشڪ الله جي رحمت  کان ڪافر ئي نااميد ٿيندا آهن.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته پُراميد رهڻ مومن جو وصف آهي،