Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

تنهنڪري اسان کي ڪڏهن به نااميد نه ٿيڻ گھرجي۔ مصيبتن، پريشانين، اجائي مخالفتن، ظلم جي تيز اونداهين، گھريلو رنجشن، معاشي پريشانين ۽ شادي جي رڪاوٽن سميت ڪيتري ئي وڏي مصيبت پيش اچي اميد جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي۔ انهن مصيبتن ۾ توبه ڪريو، اِستِغْفار ڪريو ۽ الله پاڪ کان دعا گھرو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هو مُسَبّبَ الاَسۡبَاب اهڙا اسباب پيدا ڪندو جو خوشين جي برسات ٿيڻ لڳندي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

دِل کا اُجڑا چمن ہو پھر آباد                       کوئی ایسی ہَوا چلا یاربّ!

(وسائلِ بخشش مرمّم،ص۸۱)

چوٿون سبب ” گھريلو رنجشون“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خود ڪشي جو هڪ تمام وڏو سبب گھريلو رنجشون پڻ آهن۔ جيئن پاڪستان جي هڪ اخبار جي خبر آهي: هڪ نوجوان روهڙي (باب الاسلام سنڌ) ٿاڻي جي حد ۾ گھريلو مسئلن کان تنگ اچي خود ڪشي ڪري ورتي۔

گھريلو رنجشون وڏو تباھ ڪندڙ مرض آهي! تنهنڪري ڀلائي اُنهيء ۾ آهي ته انسان جھيڙن جھٽن جي نُقصانن کي پنهنجي پيشِ نظر رکي ۽ جھيڙي جھٽي کان بچندو رهي۔ بالفرض جيڪڏهن ڪو بِلاوَجه اسان سان جھيڙو به ڪري ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي غُصّي تي ڪنٽرول ڪندي حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙي کان پري رهون، ياد رهي! جيڪو خوش نصيب حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙو ناهي ڪندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن جو ٻيڙو پار آهي، جيئن ته نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جيڪو حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙو ناهي ڪندو مان ان جي لاءِ جنّت جي اندروني ڪناري ۾ هڪ گھر جو ضامِن آهيان۔ (ابوداود،۴باب في حسن الخلق، / ۳۳۲ حديث: ۴۸۰۰)

فرمايائون: ٻانهو اِيمان جي حقيقت ۾ ان وَقت تائين ڪمال کي نٿو پهچي سگھي، جيستائين اهو حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو نه ڇڏي۔     ( موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب الصمت ،۷/ ۱۰۱، حديث : ۱۳۹)