Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ! تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان ”خود ڪشي جي سببنبابت ٻڌنداسين۔ خود ڪشي جا بنيادي طور تي چار (4) سبب آهن۔ ٭ دين کان دوري، ٭ معاشي پريشانيون، ٭ مايوسي ۽ ٭ گھريلو رنجشون۔ اڄ اسان انهيءَ بابت ٻڌنداسين۔ انهن سببن جا ڪهڙا علاج آهن، اهو به ٻڌنداسين۔ هن دوران ڪيئي مدني گل به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ پورو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ گھڻي معلومات حاصل ٿيندي۔

      اچو سڀ کان پهريان هڪ عبرت ناڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

بيمثال بهادر

      بخاري شريف ۾ آهي:حضرتِ سيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ شخص جيڪو اسلام جي دعويٰ ڪندو هو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي