Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شيطانَ مردودَ اسان کي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنّتن کان پري ڪري اسان جي گھرن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو نظامِ زندگي بگڙجي ويو آهي، گھريلو زندگي جا اسلامي ۽ اَخلاقي قدر ختم ٿي ويا آهن، علمِ دين کان دُوري ۽ سنّت مطابِق اَخلاقي تربيت نه هئڻ جي نُحُوست جي ڪري گھر جا اڪثر ڀاتي هڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن۔ گھريلو جھيڙن کان تنگ اچي ڪڏهن زال خودڪشي ڪندي آهي ته ڪڏهن مڙس، ڪڏهن ڌيءَ خودڪشي ڪندي آهي ته ڪڏهن پٽ، ائين ڪڏهن ماءُ ته ڪڏهن پيءُ۔ گھريلو مسئلن جو هڪ حل هي به آهي ته گھرن ۾ مڪتبة المدينه جي طرفان جاري ڪيل مَدَني مذاڪرا يا سنّتن ڀريا بيان ڏسڻ ۽ فيضانِ سنّت جو گھر ۾ روزانو درس جاري ڪرڻ ۽ پنهنجي گھر ۾ دعوتِ اسلامي جو مَدني ماحول قائم ڪرڻ به آهي۔ جنهن گھر جو هر فرد نَمازي ۽ سنّتن جو عادي هوندو، اهڙن ڏاڙھي، زُلفَ ۽ عمامو شريف سجائڻ واري عاشِقانِ رسول جي پرديدارگھراڻن مان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اوهان کي ڪڏهن به خودڪشي جي منحوس خبر ٻڌڻ جي لاءِ نه ملندي۔ اها آفت بي نَمازين، فيشن پرستن، فلمون ڊِراما ڏسڻ وارن، گانا باجا ٻڌڻ وارن، صِرف دُنياوي تعليم کي سڀ ڪجھ سمجھڻ وارن ۽ بي عملي جي زندگي گذارڻ وارن جو حصّو آهي۔ يقين مَڃُو جيڪڏهن هر مسلمان دعوتِ اسلامي وارو بڻجي وڃي ته الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلمانن مان خودڪشي جي نحوست جو پاڙن کان خاتمو ٿي ويندو۔ (خود ڪشي جو اعلاج، ص۵۹ تا ۶۲ملخصاً)

اها ڳالھ ذهن نشين ڪري وٺو ته خود ڪشي ڪرڻ واري جي نمازِ جنازه به ادا ڪئي ويندي ۽ اُن کي ايصالِ ثواب ڪرڻ به جائز آهي، جيئن دُرِّ مختار ۾ آهي: جنهن خودڪشي ڪئي، چاهي ڄاڻي واڻي ئي ڇو نه ڪئي هجي، ان کي غسل ڏنو ويندو ۽ ان تي جنازي نماز به پڙھي ويندي انهيءَ تي فتويٰ آهي۔ ( درمختار،۳/ ۱۲۷) ۽ ان شخص جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪرڻ به بلڪل جائز آهي۔              (خود ڪشي جو اعلاج، ص۶۲)