Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطّاريه

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! وڌيڪ معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”خود ڪشي جو علاج“ جو مطالعو گھڻو فائديمند رهندو۔ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندا رهو۔ دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو ”مجلس مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه“ به آهي جيڪو ڏينهن رات پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل اُمّت جي غمخواري ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عمل آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ غمخواري اُمّت جي جذبي تحت هن مجلس جي طرفان هر مهيني تقريباً ٻه لک چوويھ هزار(2,24,000) بيمارن ۽ پريشان حال ماڻهن ۾ ڪم وبيش 4 لک کان وڌيڪ تعويذات ۽ اَورادِ عطّاريه رِضاءِ الٰهي جي لاءِ بلڪل مُفت ڏنا ويندا آهن۔ تعويذاتِ عطاريه جون برڪتون فقط ڪنهن خاص عَلائقي يا شهر تائين ئي مَحدُود نه آهن بلڪه پاڪستان جي سڀني صُوبن جي سوين شهرن ۾ سوين بستا لڳايا پيا وڃن ۽ پاڪستان کان علاوه ٻين ملڪن مثال طور ساؤتھ افريقه، امريڪه، اِنگلينڊ، بنگله ديش ۽ هند وغيره ۾ به تعويذاتِ عطّاريه جي سوين بستن جي ترڪيب آهي۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                           اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

(وسائل بخشش مرمم،ص۳۱۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                          جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا