Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

عمامي  ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب 

اچو! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”163 مدني گل“ مان عمامي شريف ٻَڌَڻَ جُون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُلاحظه ڪريو: (1) ارشاد فرمايائون: عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي. (الفردوس بماثورالخطاب ج 2 ص 265 حديث 3233) (2) فرمايائون: عماما عرب جا تاج آهن پوءِ عمامو ٻڌو توهان جو وقار وڌندو ۽ جيڪو عمامو ٻڌندو ان جي لاءِ هر وَر تي هڪ نيڪي آهي. (ڪنزالعمّال ج 15 ص 133، رقم41138) دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد 3 صفحي 660 تي آهي: عمامو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو، جنهن ان جو اُلٽ ڪيو (يعني عمامو ويهي ٻڌو ۽ پاجامو بيهي پاتائين) اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي ڪا دوا ناهي عمامي جي شِملي جو مقدار گھٽ ۾ گھٽ چار آڱر ٭ ۽ وڌ ۾ وڌ (اڌ پٺي تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (فتاويٰ رضويه ج 22 ص 182) (وچين آڱر جي چوٽي کان ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چئبي) ٭ عمامو شريف قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 38) ٭ عمامي ۾ سنت هي آهي ته اَڍائِي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جو ٻڌڻ گنبذ نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) ٭ طِبّي تحقيق مطابق مٿي جي سور لاءِ عمامو شريف پائڻ تمام فائديمند آهي. ٭ عمامو شريف پائڻ سان دماغ کي قوت ملندي ۽ حافظو مضبوط ٿيندو آهي. ٭ عمامو شريف ٻڌڻ سان دائمي نزلو ناهي ٿيندو يا ٿيندو ته ان جا اثرات گھٽ هوندا آهن. ٭ عمامي شريف جو شِملو هيٺين دڙ جي فالج وغيره کان بچائي ٿو ڇو ته شِملو حرام مغز کي موسمي اثرن مثلاً سردي گرمي وغيره کان تحفظ فراهم ڪندو آهي عمامي جي فضائلن ۽ فائدن جي حوالي سان مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي”163 مدني گل “ جو مطالعو ڪريو۔   

   صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد