Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

۾ پنهنجي گناھ جي سزا ڀوڳي جنت ۾ ويندو۔ جڏهن ته هڪ قول هي به آهي ته خودڪشي ڪرڻ وارو اهو شخص مُنافِق هو۔ (شرحِ مُسلم لِلنَّوَوِي ۱/۱۲۳،الجز ء الثاني)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان هڪ مدني گل هي به مليو ته بظاهر ڪو ماڻهو ڪيترو ئي نيڪ ڇو نه هجي، چاهي ان جا ڏِينهَن روزن ۾ ۽ راتيون عبادت ۾ گذرنديون هجن، چاهي اُهو ڪيتري ئي عبادت ۽ رِياضت ڪرڻ وارو هجي، دينِ متين جي خوب تبليغ ۽ خدمت ڪرڻ وارو هجي پر جيڪڏهن دل ۾ مٺي مصطَفٰي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دشمني هجي ته نيڪين ۽ عبادت جي ڪا حقيقت ناهي ۽ هي به پتو پيو ته عملن ۾ خاتِمي جو مڪمَّل عمل دَخل آهي۔ جيئن ”مُسندِ امام احمد بن حنبل“ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِا لْخَوَاتِيم يعني عملن جو دارومدار خاتِمي تي آهي۔ (مسند احمد،۸/۴۳۴،حد يث ۲۲۸۹۸)

خُود ڪُشي جي تعريف ۽ حڪم

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي هٿن سان پاڻ کي ماري ڇڏڻ کي خود ڪشي چئبو آهي۔ خود ڪشي گناھ ڪبيره حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ هي جسم الله پاڪ جي نعمت آهي، صحيح سلامت عضوا الله پاڪ جي نعمت آهي، ڌڙڪندڙ دل الله پاڪ جي نعمت آهي ۽ هلندڙساھ  به الله پاڪ جي نعمت آهي۔ انهن نعمتن جي حِفَاظَت ڪرڻ نهايت ضروري آهي، جڏهن ته خُودڪشي ڪري پنهنجي جان کي ضائع ڪرڻ تمام وڏو گناھ آهي۔ الله پاڪ سيپاري 5 سورةالنّسا آيت نمبر 29 ۾ ارشاد فرمايو آهي:

وَ لَا تَقْتُلُوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِكُمْ رَحِیْمًا(۲۹)            

ترجُمو ڪنزالايمان: ۽ پنهنجين جانين کي قتل نه ڪريو بيشڪ الله توهان تي مهربان آهي.

صدر الافاضل سيد محمد نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ”خَزائنُ العِرفان“ ۾ هن آيت سڳوري تحت فرمائن ٿا: هن آيت مان خود ڪشي جي حُرمَت ثابِت ٿئي ٿي۔ (يعني هي ثابت ٿيو ته خودڪشي ڪرڻ حرام آهي)