Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

خودڪشي جو وڌندڙ رجحان

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خود ڪشي بزدلي ۽ ڪم همتي جي دليل آهي۔ افسوس! اَڄُڪلھ خودڪشي جو رُجحان وڌندو پيو وڃي۔ ”هڪ ميڊيڪل سينٽر“ جي فراهم ڪيل اعداد ۽ شمار جي مطابق سن 1985ع ۾ 35 ماڻهن خود ڪُشي ڪئي هئي ۽ ان جو تعداد وڌندي وڌندي ايتري تائين وڃي پهتو آهي جو سنه 2003ع ۾ 930 ماڻهن خود ڪشي ڪئي۔ هنن واقعن جي افسوس ناڪ ڳالهه اها  آهي ته مرڻ وارن ۾ اڪثر ماڻهن جي عمر 16 کان 30 سال جي وچ واري هئي۔ پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن جي رَپورٽ مطابِق 6 مهينن ۾ يعني جنوري کان جون 2004 جي عرصي ۾ 1103 ماڻهن خودڪشي جون ڪامياب ۽ ناڪام ڪوششون ڪيون۔ (خود ڪشي ڪا علاج، ص۹) جڏهن ته هڪ معتبر ۽ بين الاقوامي اداري جي سروي کان پوءِ ڏنل اعداد ۽ شمار جي مطابق دنيا ۾ هر سال ڏھ لک انسان خودڪشي ڪن ٿا، دنيا ۾ وڌندڙ اموات جو سبب خودڪشي آهي جنهن جي شرح هڪ ڏهائي اٺ (1.8) سيڪڙو آهي۔ هڪ سروي جي مطابق هن شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي۔ (مختلف ويب سائٽ تان ورتل) گناهن جي ڪثرت ۽ آخِرت جي احوال جي معاملي ۾ جَهالت جي سبب اسان جي پياري وطن پاڪستان ۾ خُودڪشي جو رُجحان وڌندو ئي پيو وڃي۔ هڪ اخباري رَپورٽ جي مطابِق آگسٽ 2004 ۾ پاڪستان ۾ خود ڪشي جا 68 واقعا ٿيا۔ انهيءَ اَخباري رپورٽ مطابِق دنيا جي اندر هر 40 سيڪنڊ ۾ خودڪشي جو هڪ واقعو ٿيندو آهي۔ (خود ڪشي ڪا علاج، ص۱۳بتغير)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! انسانن سان ڀريل هن دنيا ۾ هر چاليھ (40) سيڪنڊن کان پوءِ ڪونه ڪو ويچارو پنهنجي هٿان پنهنجي زندگي جو چراغ وسائي ڇڏيندو آهي۔

      خود ڪشي ڇو ڪئي ويندي آهي؟ ان جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن ۽ ان جو علاج ڪيئن ٿي سگھي ٿو۔ اچو! خود ڪشي جا چار بنيادي سبب ۽ انهن جي علاج بابت ٻڌون ٿا: