Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

پهريون سبب دين کان دوري

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان سڀئي مسلمان آهيون، اسان جو دين (دين اسلام) سڀ کان بهتر دين آهي۔ اسان جو دين دنيا ۽ آخرت جي هر معاملي ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو۔ مسلمانن ۾ خُودڪشي جي وڌندڙ شرح جي سببن مان هڪ اهم ۽ بنيادي سبب دين، شريعت ۽ اسلام کان دوري آهي۔ ڪجھ نهايت رِقّت انگيز منظر پيش ڪندا آهن، اچو خودڪشي جون اهڙيون ڪجھ خبرون ٻڌون ٿا:

 ڪراچي جي هڪ اخبار جي خبر جو خلاصو آهي ته ماءُ پٽ کي گھوٽ تيار ڪيو، ڄڃ رخصت ڪيائين، ڄاڃين گھڻو چيو ته اوهان به گڏ هلو پر انهن سان گڏ نه ويون ۽ بعد ۾ گھر جو تمام سون ۽ رقم وغيره ڪنهن جي حوالي ڪري گهوٽ جي ماءُ نَهر ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ ان جو لاش مليو۔

هڪ ٻي مشهور اخبار جي خبر آهي ته هڪ پيءُ پنهنجي هڪ نياڻيءَ، ٻن پٽن ۽ انهن ٻارن جي امڙ کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خود ڪشي ڪري پنهنجي زندَگي جو خاتِمو ڪري ڇڏيو۔

پاڪستان جي اخبار جي خبر آهي ته پيءُ ڪاوڙ ۾ چماٽ هنئي ته 14 سالن جي ڇوڪري پاڻ کي باٿ روم ۾ بند ڪري باھ لڳائي ڇڏي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خود ڪشي جي مذمت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هنن واقعن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گھٽ آهي۔ اهي اسان جي معاشري جا ڪجھ واقعا آهن، هن طرح جي هزارين واقعن سان اخبار ڀريا پيا آهن۔ خود ڪشي ڪرڻ وارا شايد اهو سمجھن ٿا ته اسان جي پريشانين سان جان ڇُٽي ويندي! حالانڪ ان سان جان ڇٽڻ بدران الله پاڪ جي ناراضي جي صورت ۾ نهايت بُري طرح ڦاسي پوندي آهي۔ اهي جيڪي نفس جي شرارتن جا شڪار ٿي ڪري رب جي عطا ڪيل زندگي کان فرار