Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

واري واٽ اختيار ڪندا آهن ۽ پنهنجي هٿان پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيندا آهن، موت انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب جو ذريعو بڻجي سگھي ٿو. خودڪشي جي ذريعي دنيا جي تڪليفن کان ظاهري طور منهن موڙڻ وارا آخرت جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا۔ ياد رکو! زندگي جا ڏينهن ختم ٿيڻ کان پوءِ ايمان ۽ عقيدن جي سلامتي جي حالت ۾ اچڻ واري موت راحت ئي راحت آهي، اهڙو موت جنت ڏانهن وٺي وڃڻ جو رستو آهي۔ اهڙو موت الله پاڪ جي نعمتن مان هڪ تمام وڏي نعمت آهي۔ جڏهن ته شيطان جي وسوسن ۾ مبتلا ٿي ڪري دنيا جي بدلي آخرت جو سودو ڪري ويهڻ تمام وڏي ناداني آهي۔ خود ڪشي تي ملڻ وارو عذاب بلڪل برداشت نه ٿي سگھندو۔ اچو! خود ڪشي تي ملڻ واري آخرت جي سزائن تي مشتمل ٽي (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

 .1فرمايائون: جيڪو شَخص جنهن شيِءِ سان خود ڪشي ڪندو اهو جهنّم جي باھ ۾ انهيءَ شيءِ سان عذاب ڏنو ويندو۔ (بخاري،ڪتاب الايمان والنذور ،باب من حلف بملة سوي ملة الاسلام ۴/ ۲۸۹، حديث: ۶۶۵۲)

.2 فرمايائون: جنهن لوھ جي هٿيار سان خودڪشي ڪئي ته ان کي جهنَّم جي باھ ۾ انهيءَ هٿيار سان عذاب ڏنو ويندو۔ (بخاري ،ڪتاب الجنائز ،باب ما جاء في قاتل النفس،۱/ ۴۵۹،حديث: ۱۳۶۳)

.3 فرمايائون: جنهن پنهنجو پاڻ کي گهُٽو ڏنو اهو جهنم جي باهه ۾ پنهنجو پاڻ کي گهٽو ڏيندو رهندو، جنهن پاڻ کي نيزو هنيو ته اهو جهنم جي باهه ۾ پاڻ کي نيزو هڻندو رهندو۔ (بخاري، ڪتاب الجنائز، باب ما جاء في قاتل النفس،۱/ ۴۶۰،حديث: ۱۳۶۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دنيا ته قيد خانو آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً خود ڪشي ڪرڻ ڄڻ پاڻ کي مصيبتن ۾ ڦاسائڻ آهي، دنيا جون مصيبتون قابلِ برداشت آهن جڏهن ته آخرت ۾ ملڻ واريون تڪليفون يقيناً ناقابلِ برداشت آهن۔ جيڪڏهن خدانخواسته ڪنهن کي