Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

خودڪشي ڪرڻ جا وَسوَسا اچن ته ان کي گھرجي ته بيان ڪيل وعيدن(عذابن) سان پاڻ کي ڊيڄاري ۽ عبرت حاصل ڪري ۽ شيطان جي وار کي ناڪام بڻائي۔ توڙي جو ڪيتريون ئي پريشانيون هجن صبر ۽ رِضا جو پيڪر بڻجي ڪري مردانگي سان حالتن جو مقابلو ڪري۔

 ياد رکو! حديث ِ پاڪ ۾ آهي: ”اَلدُّنْيا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّة الْکافِر“ دنيا مؤمِن جي لاءِ قيد خانو ۽ ڪافِر جي لاءِ جنّت آهي۔ (مسلم، ڪتاب الزھد والرقاق ،باب الدنيا سجن المؤمن و جنت الڪافر، ص ۱۲۱۰، حديث: ۷۴۱۷) ظاهر آهي قيد خاني ۾ تڪليفون ئي تڪليفون هونديون آهن، زندگي جي هن سفر ۾ انسان هميشه هڪ جهڙي حالت ۾ ناهي رهندو۔ ڪو ڏينهن ان جي لاءِ خوشخبري کڻي آڻيندو آهي ته ڪو غم جو پيغام، ڪڏهن خوشين ۽ شادمانين جي برسات ٿيندي آهي ته ڪڏهن مصيبتن ۽ پريشانين جون انڌاريون هلنديون آهن۔ هنن انڌارين جي زد ۾ ڪڏهن انسان جي ذات ايندي آهي، ڪڏهن ان جو ڪاروبار ايندو آهي ۽ ڪڏهن ان جو گھر وغيره ايندو آهي۔ اَلغَرَض! مصيبتن ۽ پريشانين سان مقابلو ٿيندو رهندو آهي۔ ان ڪري اسلامَ مصيبتن ۾ صبر ۽ خوشين ۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي۔

الله پاڪ مسلمانن کي امتحانن ۾ مُبتَلا فرمائي ڪري انهن جي گناهن کي مِٽائيندو ۽ دَرَجَن کي وڌائيندو آهي۔ جيڪو مصيبتن تڪليفن تي صَبر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي اهو الله پاڪ جي رَحمتن جي ڇانوَ ۾ اَچي ويندو آهي۔ جيئن سيپاري 2، سورة البَقَرة آيت نمبر 155 کان157 ۾ ارشاد ربّاني آهي:

وَ لَنَبْلُوَنَّكُمْ بِشَیْءٍ مِّنَ الْخَوْفِ وَ الْجُوْ عِ وَ نَقْصٍ مِّنَ الْاَمْوَالِ وَ الْاَنْفُسِ وَ الثَّمَرٰتِؕ-وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیْنَۙ(۱۵۵) الَّذِیْنَ اِذَاۤ اَصَابَتْهُمْ مُّصِیْبَةٌۙ-قَالُوْۤا اِنَّا لِلّٰهِ وَ اِنَّاۤ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَؕ(۱۵۶) اُولٰٓىٕكَ عَلَیْهِمْ صَلَوٰتٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ وَ رَحْمَةٌ -وَ اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُهْتَدُوْنَ(۱۵۷)  (پ۲، البقرة :۱۵۵،۱۵۶،۱۵۷)