Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

ترجمو ڪنزالايمان؛ ۽ ضرور اسان اوهان کي اَزمائيندا سون، ڪجھ ڊپ ۽ بک سان ۽ ڪجھ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي گهٽ ڪرڻ سان ۽ خوشخبري ٻُڌاءِ صبر وارن کي. جو جڏهن انهن تي ڪا مصيبت پوي ته چون اسان الله جي مِلڪ آهيون، ۽ اسان کي اُن جي طرف موٽڻو آهي. اهي ماڻهو آهن جن تي سندن پالڻهار طرفان درود ۽ رحمتون آهن، ۽ اهي ئي سِڌيءَ واٽ تي آهن.

اچو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪيون ٿا:

مُشْکِلُوں میں دے صَبْر کی تَوفیق                               اپنے غم میں فَقَط گُھلا یاربّ!

(وسائلِ بخشش مرمّم،۸۰)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! قرآنِ پاڪ اهو فرمائي رهيو آهي ته الله پاڪ مصيبتون ڏئي آزمائيندو آهي۔ هاڻي جنهن ان ۾ بي صبري جو مظاهرو ڪيو، دانهون ڪيائين، ناشڪري وارا جملا زَبان سان ادا ڪيائين يا بيزار ٿي ڪري مَعَاذَ الله خودڪشي جي راھ ورتي، اهو هن امتِحان ۾ بُري طرح ناڪام ٿي ڪري پهريان کان ڪروڙ ڀيرا وڌيڪ مصيبتن جو سزاوار ٿي ويو۔ بي صبري ڪرڻ سان مصيبت ته وڃڻ کان پري رهي الٽو صَبر جي ذَرِيعي هٿ ايندڙ عظيمُ الشّان ثواب به ضايِع ٿي ويندو آهي جيڪو بذاتِ خود هڪ تمام وڏي مصيبت آهي۔ ان ڪري صَبر سان ڪم وٺڻ گهرجي۔ حديثِ پاڪ ۾ مومن جي صفت اها بيان ٿي آهي ته جڏهن ان کي خوشي پهچندي آهي ته اُهو الله جو شڪر ادا ڪندو آهي ۽ جڏهن اُن کي تڪليف پهچندي آهي ته صبر ڪندو آهي۔  

(مسلم، ڪتاب الزهد والرقائق، باب المؤمن امره ڪله خير، ص۱۲۲۲، حديث:۷۵۰۰)

صبر جو مفهوم ۽ ان جون برڪتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ يقيناً صبر ۾ خير ئي خير آهي۔ ٭ صبر دنيا جي غمن کان پناھ ڏيڻ واري صفت آهي۔ ٭ صبر الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ جو نالو آهي۔ ٭ صبر گناهن کان پاڻ کي بچائڻ جو نالو آهي۔ ٭ صبر قربِ الٰهي جو ذريعو آهي۔ ٭ صَبر دين جي سرداري ملڻ جو سبب آهي۔ ٭