Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

جو، ٻيو کير جو، ٽيون ماکيءَ جو، چوٿون شراب جو، وري انهن مان نهرون نڪري هر هڪ جي مڪان ڏانهن جاري آهن. نهرن جو هڪ ڪنارو موتي جو، ٻيو ياقوت جو آهي ۽ انهن نهرن جي زمين خالص مشڪ جي آهي. (الترغيب والترهيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار،فصل في انهار الجنۃ،۴/۳۱۵، الحديث۳۵/۵۷۳۴) جنت ۾ هر قسم جا لذيذ کان لذيذ کاڌا ملندا. جنهن جي خواهش ڪندا فورًا اهو سامهون موجود هوندو۔ (تفسير ابن ڪثير،۷/۱۶۲) جيڪڏهن ڪو پکي ڏسي اُن جو گوشت کائڻ جي خواهش ٿيندي ته انهيءَ وقت ڀُڳل ان وٽ اچي ويندو. (الترغيب وا لترھيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار، ۴/۲۹۲، حديث: ۷۳) جيڪڏهن پاڻي وغيره جي خواهش هوندي ته پيالو پاڻهي هٿن ۾ اچي ويندو ۽ ان ۾ صحيح اندازي جي مطابق پاڻي، کير، ماکي هوندي جيڪو پيئڻ واري جي خواهش کان نه هڪ قطرو گهٽ هوندو نه وڌيڪ، پيئڻ کان بعد (اهي پيالا) جٿان آيا هوندا خود بخود هليا ويندا۔ (الترغيب وا لترھيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار ، ۴/۲۹۰، حديث: ۶۶) هڪ خُوشبو دار فرحت بخش اوڳرائي ايندي، خوشبودار فرحت بخش پگهر نڪرندو، سڀ کاڌو هضم ٿي ويندو ۽ اوڳرائي ۽ پگهر مان مشڪ جي خوشبو نڪرندي. (مسلم، ڪتاب الجنۃ وصفۃ نعيمها وأھلها، باب في صفۃ الجنۃ ... إلخ، ص۱۱۶۵، حديث: ۷۱۵۲ ملخصاً) جيترو کائيندو ويندو ذائقي ۾ ڪمي نه ٿيندي بلڪه واڌارو ٿيندو، هر گرهه ۾ ستر مزا هوندا، هر مزو ٻئي کان مختلف هوندو، اهي سڀ مزا هڪ ئي وقت ۾ محسوس ٿيندا، هڪ جو احساس ٻئي سان رڪاوٽ نه ٿيندو۔ (مسلم، ڪتاب الجنۃ وصفۃ نعيمھا وأھلھا، باب في دوام نعيم أھل... إلخ،ص۱۱۶۶حديث: ۷۱۵۸) جَنّتي پاڻ ۾ ملڻ چاهيندا ته هڪ جو تَخت ٻئي وٽ هليو ويندو۔ (الترغيب والترھيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار، ۴/۳۰۴، حديث: ۱۱۵) جڏهن جنتي جنت ۾ ويندا ته الله پاڪ انهن کي فرمائيندو؛ ”ڪجهه ٻيو به چاهيو ٿا جيڪو اوهان کي ڏيان“ عرض ڪندا؛ تو اسان جا چهرا روشن ڪيا، جنّت ۾ داخل ڪيو، جهنّم کان نجات ڏني، ان وقت پردو جيڪو مخلوق تي هيو، کڄي ويندو ته ديدارِ الهٰي کان وڌيڪ انهن کي ڪائي شيء نه ملي هوندي۔ (مسلم، ڪتاب الإيمان، باب إثبات رؤيۃ المومنين في الآخرۃ...إلخ، ص۹۵، حديث:۴۴۹)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي جنت جا طلبگار اسلامي ڀائرو! جنت ۽ ان جون اهي بهترين نعمتون