Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
اي عاشقان رسول! معلوم ٿيو ته اخلاص سان ڪيا ويندڙ نيڪ عملن جي برڪت سان انسان وڏين وڏين مصيبتن کان بچي ويندو آهي۔ ٭ چڱن عملن جي برڪت سان الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي، ٭ چڱن عملن جي برڪت سان جنّت جون لازوال نعمتون نصيب ٿينديون آهن۔ ٭ چڱن عملن جي برڪت سان عذابِ قبر وحَشر کان نجات ملندي آهي، ٭ چڱا عمل گناهن جي مغفرت جو ذريعو آهن، ٭ چڱا عمل رحمتِ الٰهي جي نزول جو سبب آهن ٭ چڱن عملن جي بدلي دنيا ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو ملندو آهي ٭ چڱا عمل قبر ۾ سٺيون سٺيون ۽ پياريون شڪلون اختيار ڪري ايندا ۽ راحت ۽ سڪون جو سبب بڻجندا، ٭ چڱن عملن جي ڪري انسان ماڻهن ۾ چڱو سڃاتو ويندو آهي. ٭ چڱن عملن جي سبب عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي، ان ڪري چڱا عمل ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ سلامتي ۽ عافيت به آهي ۽ نجات به آهي۔ چڱا عمل، ويتر چڱن عملن جي توفيق جو سبب بڻجندا آهن.
بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی!
هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي دنيا عمل ڪرڻ جي جڳھ آهي ۽ آخرت دَارُالجَزَاء بدلو ملڻ جو مقام. اسان دنيا ۾ جيڪو چڱو يا بُرو ٻج پوکيندا آهن ان جو فصل آخرت ۾ لڻنداسين، سٺو يا بُرو بدلو ملڻ کي سنڌي ۾ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، ”جھڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ“، ”جهڙي پوکيندؤ تهڙي لڻندؤ“ جڏهن ته عربي زبان ۾ ”کما تَدِينُ تُدَان“ چيو ويندو آهي۔
اها ئي ڳالھ اسان جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هنن لفظن ۾ بيان فرمائي آهي: ”اَلْبِرُّ لا يبْلَي وَالاِ ثْمُ لا يُنْسَي وَالدَّيانُ لَا يمُوتُ فَکنْ کمَا شِئْتَ کمَا تَدِينُ تُدَانُ“ يعني نيڪي