Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

شيطان ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ته اسان مدني انعامات تي عمل ڪري سڄي ڏينهن ۾ ايتريون وڌيڪ نيڪيون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، هو هن نيڪ ڪم کان روڪڻ جي لاءِ وڏا حيلا ڪندو، طرح طرح جي وسوسن جيئن ”مان ته گھڻو مصروف آهيان“ ”ايترو وقت ڪٿي“ ”سڀاڻي کان ڪندس“ ۾ مبتلا ڪري ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندو۔ جيڪڏهن اوهان انهن وسوسن تي ڌيان ڏيڻ جي بغير مدني انعامات تي غور ڪريو ته شايد حيران رهجي ويندو ته جن مدني انعامات تي عمل ڪرڻ مُشڪل لڳي ٿو، انهن تي عمل ڪرڻ ته تمام ئي آسان آهي، ڇوته اسان کي روزانو 72 مدني انعامات تي عمل ناهي ڪرڻو بلڪ روزانو جن مدني انعامات تي عمل ڪرڻو آهي ان جا ٽي (3) درجا آهن۔ پهريون ۽ ٻيو درجو 17،17 ۽ ٽيون درجو صرف 16 مدني انعامات تي مُشتمل آهي۔ ان جي علاوه 8 مدني انعامات اهڙا آهن جن تي هفتي ۾ صرف هڪ ڀيري عمل ڪرڻو آهي، 6 مدني انعامات اهڙا آهن جن تي مهيني ۾ صرف هڪ ڀيري عمل ڪرڻو آهي ۽ 8 مدني انعامات اهڙا آهن جن تي 12 مهينن ۾ صرف هڪ ڀيري عمل ڪرڻو آهي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان کي بخوبي اندازو ٿي ويو هوندو ته شيطان اسان کي جن مدني انعامات تي عمل ڪرڻ دُشوار محسُوس ڪرائي رهيو هو، ان تي عمل ڪرڻ ته نهايت ئي آسان آهي۔ اڄوڪي دور ۾ هڪ مسلمان جي لاءِ مدني انعامات تي عمل ڪيتري قدر ضروري آهي، ان جو اندازو اوهان کي انهيء وقت ٿي سگھندو جڏهن اوهان مدني انعامات جي رسالي جو غور سان مُطالعو ڪندؤ۔ انهن مدني انعامات ۾ فرض، واجبات ۽ سُنتون ۽ مُستحبن تي عمل جي ترغيب سان گڏوگڏ ڪٿي اخلاق حاصل ڪرڻ جا مدني گل به خوشبو ڦهلائي رهيا آهن ته ڪٿي گُناهن کان بچڻ ۽ آساني سان نيڪيون ڪرڻ جا طريقا پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيا آهن۔ تنهنڪري جيڪڏهن اسان به گناهن جي بيمارين کان ڇوٽڪارو ماڻي نيڪين جا حريص بڻجڻ چاهيو ٿا ته اڄ ئي کان مدني انعامات تي عمل