Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنجاھ سالن تائين فتوائون لکيائون۔ (تذڪره جميل ص ۱۱۲ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خانقاه قادريه رضويه جا سجاده نشين ۽ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا سچا جانشين هئا، سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پنهنجي والدِ گرامي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ 1905ع ۾ سفرِ حج جي سعادت ملي۔ حرمين طيبين ۾ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا عِلمي ۽ عَملي ڪارناما ظاهر ٿيا، عَالَمِ اسلام ۾ اوهان کي سڃاتو ويندو هو۔ (تذڪره جميل ص ۱۸۶ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت حسين و جميل شخصيت جا مالڪ هئا، ڳاڙهو ۽ سفيد چهرو مٿان وري سفيد ڏاڙھي جڳمڳ ڪندي نظر ايندي هئي، سندن جو مبارڪ چهرو نورِ مصطفيٰ جي جلون سان اهڙو روشن هو جو خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عرس جي موقعي تي ڪيئي غير مسلم اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نوراني چهرو ڏسي ئي اسلام قبول ڪري ورتو ۽ هي به چيائون ته اهو روشن چهرو ٻڌائي پيو ته اوهان حق ۽ صداقت ۽ روحانيت جي تصوير آهيو۔ (تذڪره جميل ص۱۹۷،۱۹۸ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عبادت گذار، شب بيدار ۽ تهجد گذار بزرگ هئا، پنهنجي والدِ ماجد امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي موجودگي ۾ دارالعلوم منظر الاسلام جو سمورو انتظام سندن حوالي هو، دارلعلوم منظر الاسلام جا پاڻ نه صرف مهتمم هئا، بلڪ شيخ الحديث ۽ صدر المدرسين جي منصب تي پڻ فائز رهيا۔ (تذڪره جميل ص ۱۷۳ملخصاً) هڪ ڀيري سندن کي ڦرڙيءَ جي تڪليف ٿي، جنهن جو آپريشن ڪرڻ ضروري هيو۔ ڊاڪٽر بيهوشي جو اِنجڪشن لڳائڻ چاهيو ته مَنع فرمايائون، پاڻ دُرودوسلام جي وِرد ۾ مشغول ٿي ويا، هوش و حواس جي حالت ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ تائين آپريشن ٿيندو رهيو، دُرود شريف جي بَرَڪت سان ڪنهن قسم جي تڪليف جو پاڻ اظهار نه ٿيڻ ڏنائون۔ (تذڪرهٔ مشائخِ قادِريه رضويه، ص ۴۸۵) الله پاڪ سندن جي فيوض و برڪات سان اسان سڀني کي مستفيض فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد