Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

وٺي، جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت شاملِ حال رهي ته نيڪ عملن جي برڪت سان قبر به بهتر ٿيندي، آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿيندو ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مرڪندي مرڪندي مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان پويان جنت ۾ داخل ٿي وينداسين۔

قُرآن ڪريم ۾ مختلف هنڌن تي بيان ٿيو آهي ته جيڪو چڱا عمل ڪندو ان کي جنّت ملندي۔ جيئن الله پاڪ جو سيپاري 30 سورةُ الْبَينَه جي آيت نمبر 7 ۽ 8 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمْ خَیْرُ الْبَرِیَّةِؕ(۷) جَزَآؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ      (پ۳۰،البينه:۷،۸)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، اهي سموري مخلوق بهتر آهن، انهن جو انعام سندن رب وٽ ٽڪڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، جن ۾ هميشه هميشه رهندا.

اهڙي طرح سيپاري 11، سوره يونس آيت نمبر 9 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ یَهْدِیْهِمْ رَبُّهُمْ بِاِیْمَانِهِمْۚ-تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِیْ جَنّٰتِ النَّعِیْمِ(۹) (پ۱۱،يونس:۹)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن جو رب انهن جي ايمان سبب کين هدايت ڏيندو انهن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون نعمت جي باغن ۾.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! نيڪ عملن جون ان کان وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون برڪتون ٿي سگھن ٿيون جو ٻانهو ان جي ڪري جنت جهڙي عاليشان ۽ هميشه رهڻ واري نعمت به ماڻي سگھي ٿو۔

تفسير صراط الجنان ۾ لکيل آهي: اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ الله پاڪ