Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

بنياد تي ڪيئي جهيڙا ٿي پوندا آهن، ڪيئي گهر بلڪه ڪيئي خاندان اُجڙي ويندا آهن، ان ڪري جيڪڏهن ڪو اسان کي وڙهائڻ به چاهي ته اسان کي گھرجي ته اسان ان کي ان جي ناپاڪ ارادي ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيون۔ شيطان جو پسنديده ڪم ئي ماڻهن جي وچ ۾ فتنو ۽ فَساد ڪرائڻ، انهن ۾ نفرتن جون ديوارون بيهارڻ ۽ اُنهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ آهي۔ شيطان مَردُود ڪنهن نموني جھيڙي جو ماحول پيدا ڪري پوءِ پاڻ پوئتي هٽي تماشائي بڻجي ويندو آهي۔ پوءِ لڙائي جھڳڙي جو نقصان اهو ٿيندو آهي ته ڪالھ تائين جيڪي هڪ ٻئي تي جان قربان ڪرڻ جي دعوي ڪندا هئا، ڪالھ تائين جيڪي هڪ ٻئي جي عزت جا مُحافِظ هئا، ڪالھ تائين جن جي دوستي ۽ انهن جي اِتِّفاق ۽ ٻَڌي جون مثالون ڏنيون وينديون هيون، ڪالھ تائين جن کي هڪ ٻي جي خلاف هڪ لفظ ٻڌڻ به پسند نه هو، ڪالھ تائين جيڪي هڪ ٻي کان سواءِ کاڌو تائين نه کائيندا هئا، ڪالھ تائين جيڪي بُري وَقت ۾ هڪ ٻئي جا مددگار هئا، ڪالھ تائين جيڪي هڪ ٻئي کي نيڪي جي ڪمن جون ترغيبون ڏياريندا هئا، لڙائي جھڳڙي جهڙي مَنحوس شيطاني ڪم جي نَحوست جي سبب انهن جي وچ ۾ نفرتن جون اهڙيون مضبوط ديوارون قائم ٿي وينديون آهن جو وري اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ به پسندا ناهن ڪندا۔ هڪٻئي جي غم خوشي ۾ شريڪ ناهن ٿيندا، ڪڏهن ڪڏهن ته قتل ۽ لڙائي جو اهڙو خوفناڪ طوفان ايندو آهي جو ڪيئي جانيون ظلم جي هن بدترين انڌاري جي لپيٽ ۾ اچي وينديون آهن، ائين سمجھو ته جهڙي طرح باھ (Fire) گھرن، فيڪٽرين، ڪمپنين، گودامن، جنگلن، ڳوٺن، ۽ مختلف شين کي ڪلاڪن بلڪه مِنٽن ۾ ساڙي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي، اهڙي طرح پررونق ۽ خوشحال ملڪن، شهرن، نسلن، قومن، گھرن، خاندانن، ادارن ۽ تنظيمن جو اَمن تباھ برباد ڪرڻ ۽ دلين ۾ نفرتن جو ٻج پوکڻ ۾ اڪثر لڙائي جھڳڙن جون تباھ ڪاريون ئي سبب بڻجنديون آهن۔ ۽ هن ۾ اڪثر شيطان لڙائي جھيڙي وارو هٿيار استعمال ڪندي نظر ايندو آهي۔