Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

وڙهڻو ئي آهي ته نَفسِ اَمّاره سان لڙائي ڪريو، ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته گناهن جي خلاف اعلانِ جنگ ڪري شيطان جو مقابلو ڪريو، ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته غيبت ۽ تهمت جي خلاف اعلانِ جنگ ڪري مقابلو ڪيو وڃي، ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته فلمن ڊرامن سان لڙائي ڪريو، ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته وياج جي خلاف لڙائي ڪريو۔ ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته ڌوڪي ۽ ملاوٽ جي خلاف آواز بلند ڪيو، ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته بدگمانين ۽ تهمتن جي خلاف دشمني جو اظهار ڪريو، ٭ جيڪڏهن وڙهڻو ئي آهي ته رشوت ۽ خيانت جي وڌندڙ رجحان جي حوصله شڪني ڪريو۔ مطلب ته! وڙهڻو ئي آهي ته بُرائين سان وڙهو ۽ معاشري کي نيڪين ڏانهن وٺي وڃو۔

      اسان جي نه معلوم ڪنهن ڪنهن سان ذاتي دُشمني ٿي ويندي آهي، جڏهن ته اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو جھيڙو نفس ۽ شيطان سان آهي، جيئن بارگاھ رِسالت ۾ فرياد ڪن ٿا:

نہیں سرکار! ذاتی دشمنی میری کسی سے بھی                                                                          مِری ہے نفس و شیطاں سے لڑائی یارسولَ اللہ

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۵۰)

 

شيطان جي خلاف جنگ                            جاري رهندي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان جي انسان سان دشمني جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هو انسان کي دنيا ۾ ته پنهنجي طرح طرح جي هٿيارن ۽ وسوسن جي ذريعي گمراه ڪندو ئي آهي، پر موت جي وقت به ماڻهن کي ورغلائڻ، گُناهن تي اڀارڻ ۽ ايمان جي دولت کسي ڪري انهن کي به پاڻ سان گڏ هميشه هميشه جي لاءِ جهنم جو ٻارڻ بنائڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهي شيطان کي پاڻ توبه جي توفيق ناهي ان ڪري اهو نٿو چاهي ته ڪو ٻيو